خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

بدين (ڊ ر) بدين ٽرئفڪ پوليس پاران دوائون کڻي ويندڙ گاڏي کي روڪڻ ۽ رشوت وٺڻ بعد گاڏي کي ڇڏڻ واري معاملي جي خبر 12 فيبروري تي عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين فاروق احمد عباسي سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي کان 17 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ياد رھي ته ايڪسائيز پوليس پاران مختلف وقتن تي گاڏين کي روڪي رشوت وٺي بعد ۾ ڇڏڻ  واري معاملي تي عوامي آواز پاران اھڙي رپورٽ بريڪ ڪئي ھئي اڪثر مختلف مال پڙين جي ڏينھن تي ايڪسائيز کاتي جا عملدار مختلف طريقن سان جانور کڻي ويندڙ پڪ اپ سوزڪين چنگچي رڪشن کي سخت پريشان ڪن ٿا تازو دوائن جي ڪمپني جي گاڏي سان ٿيندڙ معاملي کان پوءِ عدالت سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.