ڪلوئي جي ڳوٺن ۾ سهولتون نه هئڻ سبب مريض بنا علاج مرڻ لڳا

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) سارھوڙ ڳوٺ ۾ عوامي آواز ٽيم جي سروي ڪيو جنھن ۾ ڳوٺاڻن زندگي جي دردناڪ ڪھاڻي ٻڌائيندي چيو تہ يونين ڪاؤنسل سارھوڙ ڪلوئي تعلقي جي سڀ کان وڌيڪ پسمانده ۽ ڏورانهين يوسي آھي ۽ روڊ رستا نہ ھجڻ سبب رھواسي ھن وقت سنگين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ضلع انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن پاران  ڪوبه اپاءُ نه ورتا ويا آھن جنھن سبب رھواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن علائقي ۾ پھرين دفعي عوامي آواز جي ٽيم ڪوريج لاء پھتي آھي ٽيم   دوران ڏٺو لڳو تہ يونين ڪاؤنسل سارھوڙ جي ھيڊ ڪوارٽر ڳوٺ سارھوڙ ۾ 2012 کان قائم ڪيل ڊسپينسري جي عاليشان عمارت تہ موجود آهي مگر اٺن سالن  جو عرصو گذري وڃڻ باوجود اتي اسٽاف مقرر نہ ٿي سگھيو آھي اتي موجود ڳوٺاڻن دائم لنڊ، قربان، عبدالقيوم، بھادر خان لنڊ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ سارھوڙ جي پسگردائي ۾ ٻہ ھزار آبادي آھي پر ايڏي وڏي ڳوٺ ۾ ڊسپينسري،پرائمري توڙي مڊل اسڪول بند پيل آهن، ماڻھو وڏي تعداد ۾ بيمارين جي ور چڙھيل آھن ۽ روڊ رستا نہ ھجڻ سبب ماڻھو ۽ معصوم ٻارڙا تڙپي تڙپي موت جو شڪار ٿي رھيا آھن، اڄ پھريون ڀيرو صرف عوامي آواز ٽيم پھتي آھي  ان کان اڳ ۾ ھتي ڪوبہ چونڊيل نمائندو، سياسي، سماجي تنظيمون ويلفيئر لاء ھڪ دفعو به نه آيون آهن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي تہ ڊسپينسري سارھوڙ ۾ عملو مقرر ڪيو وڃي ۽ عارضي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن. ۽ ڏھ سالن کان بند پيل اسڪول کولرايا وڃن انھن چيو ته سارھوڙ ڳوٺ ۾  ہنج سال پھرين آر او پلانٽ تہ لڳايو ويو پر اھو خراب پيل آھي جنھن سبب ماڻھو کارو پاڻي واپرائي رهيا آهن کين کاري پاڻي سبب ڪيتريون ئي بيماريون لڳي ويون آھن ڳوٺاڻن عوامي آواز جي ٽيم جي ڪوريج دؤران ڊسپينسري اڳيان مظاھرو ڪيو تہ کين چيو ويو اھي ضلع ھيڊ ڪوارٽر ۾ احتجاج ڪرائين ته جيئن سندن مسئلا حل ٿي سگھن انھي تي ڳوٺاڻن چيو تہ مريض کڻي وڃڻ لاء کين سواري ميسر ناھي اھي ڪيئن ضلعي ھيڊ ڪوارٽر وڃن، سارھوڙ يوسي جي ھڪ  ڳوٺ ٻيلو نوتيار آرڏو ٻھوار ۾  ڊسپينسري به پيل آهن  اسپتال ويجھي نہ ھجڻ ۽ روڊ رستا نہ ھجڻ سبب   عوامي آواز جي ٽيم چار ڪلاڪ سفر ڪري انتھائي مشڪلاتن سان سارھوڙ جي مختلف ڳوٺن سارھوڙ، آرڏو، راھب واري، ٻيلو نوتيار ۾ پھتي تہ اتي ڏٺو ويو ته اتي علاج، تعليم، پاڻي جون سھوليتون بلڪل ميسر نہ ھيون، روڊ رستا نہ ھجڻ برابر ھئا، ماڻھو ۽ جانور پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا هئا پ ڪيترائي پيرسن، معصوم ٻار ۽ عورتون بيمارين ۾ مبتلا ھيون، چوپايو مال مري رھيو آھي ۽ يوسي سارھوڙ جا سڀئي اسڪول استادن نہ ھجڻ سبب بند پيل آھن ۽ يوسي ساروھوڙ ۾ ٽي  قائم ڪيل ڊسپينسريون عملو نہ ھجڻ سبب بند ھيون ۽ ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽ بي غير فعال بڻيل ھيا متاثر ڳوٺاڻن عوامي آواز جي ٽيم وسيلي اعلي اختيارين کان اھا اپيل ڪئي آهي تہ اسان جي حالتن تي رحم کائي سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.