سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ جو پوائنٽ ڊرائيور پاران هيسائڻ جي انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ جو پوائنٽ ڊرائيور پاران هيسائڻ جي انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ جو پوائنٽ ڊرائيور پاران هيسائڻ جي انڪشاف

سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊرائن جي شاگردياڻيءَ طرفان پوائنٽ بس جي ڊرائيور پاران مبينا طور هيسائڻ جي انڪشاف ڪيو ويو آهي.

شاگردياڻي اقرا شيخ الزام لڳائيندي ٻڌايو ته پوائنٽ بس جو ڊرائيور اختر پٺاڻ کيس هيسائيندو رهيو آهي.

هن چيو ته يونيورسٽي جا ڪيترائي ڊرائيور نشو ڪري گاڏيون هلائيندا آهن جنهن سبب حادثا پيش اچن پيا.

اقردا چيو ته هوءَ ڊرائيور پاران هيسائڻ سبب ذهني طور پريشان آهي، ڪجهه وقت اڳ انتظاميا کي معاملي بابت آگاهه ڪيو پر ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي.

متاثر شاگردياڻي چيو ته صبح ڊرائيور ٻيهر هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي لکت ۾ انتظاميا کي درخواست ڏني آهي.

متاثر شاگردياڻي وي سي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پوائنٽ بس ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.