محمد آصف قومي اسنوڪر چيمپيئن کٽڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن محمد آصف لاڳيتو ٽيون ڀيرو قومي اسنوڪر چيمپيئن بڻجي ويو.

ڪراچي ۾ ٿيندڙ 45هين قومي اسنوڪر چيمپيئن شپ ۾ محمد آصف پنهنجي مخالف شاهد آفتاب کي سخت مقابلي کانپوءِ 7-8 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

قومي اسنوڪر چيمپيئن شپ جو فائنل 15 فريمن تي ٻڌل هو ۽ مقابلو 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.

شاهد آفتاب شروعات کان ئي سٺي راند جو مظاهرو ڪندي محمد آصف کي دٻاءَ ۾ رکيو ۽ مسلسل 5 فريم کڻي 2-6 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

آصف 2 فريم کڻي خسارو گهٽ ڪيو پر شاهد 11هون فريم کٽي اسڪور 4-7 ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ عالمي چيمپيئن آصف شاندار واپسي ڪندي مسلسل 4 فريم کڻي نيشنل ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

واضح رهي ته محمد آصف گذريل سال نومبر ۾ ترڪي ۾ ٿيندڙ آءِ بي ايس ايف ورلڊ اسنوڪر چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل ماڻيو هو، جڏهن ته هن 2012 ۾ به ورلڊ چيمپيئن شپ کٽي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.