پي ايس ايل ۾ اڳ کان بهتر پرفارم ڪندس: محمد رضوان

پشاور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي ۽ هن ڀيري اڳ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندس.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان چيو ته ٽن سالن کان ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ هن ڀيري گهڻي محنت ڪئي اٿم، اميد ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر پرفارم ڪندس.

هن چيو ته پي ايس ايل سڀني ٽيمن لاءِ ڏکيو ايونٽ آهي، جنهن ۾ نه رڳو پاڪستاني پر پرڏيهي ڪرڪيٽر به حصو وٺي رهيا آهن، هر ٽيم ۾ بهترين رانديگر موجود آهن ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته هيل سڄي ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان سپر ليگ سان نوجوان رانديگر سامهون ايندا، جڏهن ته بنگلاديش خلاف تازي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.