پيرو لاشاري: ايڪو سائونڊ نه کڻي اچڻ تي گھوٽ آپگھات ڪري ڇڏيو

گهوٽ شادي جي صبح خودڪشي ڪري ڇڏي۔

ڳهڙو لڳ ڳوٺ کنگهار ڪولهي ۾ رات شادي هئي صبح جو ڄڃ نڪرڻ واري هئي ته 20 سالا گهوٽ عالم ولد روو ڪولهي چيو تن ڄڃ سان سائونڊ  کڻي اچو ته مائيٽن سائونڊن کان منع ڪئي جنهن تي گهوٽ رسو کڻي نم جي وڻ ۾ ٻڌي خود ڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

جنهن بعد گهر ۾ ڪهرام  مچي ويو، خوشي ماتم ۾ بدلجي ويئي.

جڏهن ته ماء کي بي هوشي جا دؤرا پئجي ويا ، ۽ ڪڙيو گهنور پوليس تعلقي اسپتال مان  لاش پوسٽ ماٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.