چين ۾ ڪورونا وائرس جو حياتيون ڳڙڪائڻ جو سلسلو جاري، هزار کان وڌيڪ فوت

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب چين ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته وائرس سان متاثرن جو انگ 43 هزارن جي ويجهو پهچي چڪو آهي.

چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن اڄ اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 108 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو مجموعي انگ 1016 ٿي ويو آهي.

نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب لڳ ڀڳ اڍائي هزار وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگيءَ جي تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.