سپريم ڪورٽ امل قتل ڪيس اڪُلائي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي والدين کي 10 لک ڏيڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻارڙي امل جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس کي سڀ خبر آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ ڪير ملوث آهي، اها خبر ناهي ته ڪٿي گولي هلائڻي آهي ۽ ڪٿي نه؟

سپريم ڪورٽ ٻارڙي امل جي مارجڻ تي پاڻمرادو نوٽيس اُڪلائيندي سنڌ حڪومت کي امل جي والدين کي 10 لک رپيا امداد ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوليس کي علم ئي ناهي ڪٿي گولي هلائڻي آهي ۽ ڪٿي نه، پوليس کي عزت آفيسر ڏياري سگهن ٿا، ڪانسٽيبل نه، پوليس کي سڀ خبر هوندي آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ ڪير ملوث آهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪانسٽيبل رڳو حڪم مڃيندو ۽ ان چڪر ۾ پنهنجو ڪم ڪڍندو آهي، کاتو بدنام ٿيڻ سان ان کي ڪو فرق ناهي پوندو، 3 ڏينهن اڳ هڪ ڇوڪري کان اسڪول جي ٿيلهي تائين کسيو ويو، چار ماڻهو هڪ نوجوان تي هٿيار تاڻين ته اهو ڇا ڪندو؟

جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ رينجرز هڪ ڇوڪري کي گولي هڻي قتل ڪيو هو، رينجرز سپريم ڪورٽ تائين پنهنجي اهلڪار جو ڪيس وڙهيو، پوليس واقعو ٿيندو ئي پنهنجو اهلڪار برطرف ڪري ڇڏيندي آهي، پوليس اهلڪارن امل کي ڄاڻي واڻي نه ماريو هوندو، پوليس کي مناسب ٽريننگ جي ضرورت آهي، ادارن کي پنهنجي جوانن سان گڏ بيهڻ گهرجي، ادارا جوان جو ساٿ ڏئي نه ڏين ته اهو ڪم ڪيئن ڪندو؟

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هلندڙ روڊ تان ڦر ٿيڻ پوليس جي ناڪامي آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ٻڌو آهي ته پوليس ۾ وڌيڪ 20 هزار ڀرتيون ٿي رهيون آهن، لڳي ٿو روڊن تي عوام کان وڌيڪ پوليس هوندي، سنڌ حڪومت امل جي والدين کي 10 لک رپيا امداد ڏئي، امداد امل جي والدين ۽ راهه امل ٽرسٽ ۾ هڪ جيتري ورهائي وڃي، پوليس سميت سمورا لاڳاپيل ادارا انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪن.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ امل جي مارجڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اُڪلايو ويو.

ٻڌڻي دوران امل جي ماءُ ڌيءُ جي ياد ۾ هنجون هاريندي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.