”سر عام ڦاهي جي اسان جو آئين اجازت نٿو ڏئي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ آهي ته زيادتي جي جوابدار کي سر عام ڦاهي ڏيڻ واري قانون جي خلاف آهيان، اهڙين سوسائٽين کي مثال وٺڻ گهرجي جتي اهڙا ڏوهه ختم ٿيا.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته جهڙي طرح دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو ائين ئي ان ڏوهه جو به خاتمو ٿي سگهي ٿو، سر عام ڦاهي جو اسان جو آئين اجازت نٿو ڏئي، ٺهراءُ آيو آهي ان تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، هي معاملو حساس آهي پارٽي پوزيشن نه پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسحاق ڊار جي گهر بابت قانوني حيثيت جو علم ناهي، منهنجي خيال ۾ عدالت گهر کي نيلام ڪرڻ کان روڪيو هو، عوام کي غربت جي ليڪي کان مٿي آڻڻ لاءِ بندوبست ڪرڻا پوندا، لنگر خانا کولڻ مسئلن جو حل ناهي، ملازمتن جو بندوبست ڪرڻو پوندو، 21 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ لنگر خانا نٿا کولي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.