ڪٺ پتلي حڪومت سليڪٽرن جي آڏو معيشت کي تباهه ڪيو…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڪٺ پتلي حڪومت پنهنجي سليڪٽرن جي آڏو ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ حڪومت طرفان هائر ايجوڪيشن بجيٽ ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عوامي شعبي جي يونيورسٽين کي پنهنجا معاملا هلائڻ لاءِ خانگي شعبي کان قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ملڪ جي 104 سرڪاري يونيورسٽيون پنهنجي تاريخ جي بدترين مالي بحران مان گذري رهيون آهن، 158 ارب رپين جي گهربل بجيٽ مان ڪٺ پتلي حڪومت ان جو اڌ حصو به مختص ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يونيورسٽي آف پشاور سميت ملڪ جون ڪجهه مشهور يونيورسٽيون پنهنجي عملي کي پگهاورن ۽ پينشن جي ادائيگي ڪرڻ جي قابل به ناهن رهيون، تحقيق ۽ اعليٰ تعليم کي سخت نظرانداز ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪٺ پتلي حڪومت پنهنجي سليڪٽرن جي آڏو معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.