دي ليجنڊ آف مولا جٽ تان ڪيس ختم ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ٻن سالن کان قانوني مسئلن جو شڪار بڻيل فلم ‘‘دي ليجنڊ آف مولا جٽ’’ مٿان قانوني ڪيس ٽري ويا.

فلم ‘‘دي ليجنڊ آف مولا جٽ’’ جي پروڊيوسر عمارا حڪمت گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽر تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اصل فلم ‘‘مولا جٽ’’ جي پروڊيوسر پاران ان فلم مٿان ڪيل سمورا ڪيس واپس ورتا ويا آهن ۽ هو انهن ڪيسن تان هٿ کڻي چڪو آهي.

فلم ‘‘دي ليجنڊ آف مولا جٽ’’ گذريل ٻن سالن کان تڪرار جو شڪار هئي، ڇاڪاڻ ته 1979ع ۾ رليز ٿيل پاڪستاني فلم ‘‘مولا جٽ’’ جي پروڊيوسر ۽ باهو فلمز ڪارپوريشن جي سي اي او سرور ڀٽي ‘‘دي ليجنڊ آف مولا جٽ’’ جي هدايتڪار بلال لاشاري ۽ پروڊيوسر عمارا حڪمت تي ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پروڊيوسر سرور ڀٽي ڪيسن تان هٿ کڻندي چيو آهي ته عمارا حڪمت ۽ بلال لاشاري منهنجي ٻارن جيان آهن، ڪنهن کيس گمراهه ڪيو هو، پر ٻار غلطيون ڪندا آهن پر هاڻي مون انهن سموري شين کي پوئيتي ڇڏي ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.