سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي بدين ۽ ضلعي قمبر ۾ پوليو جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

سنڌ ۾ پوليو بابت ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ترجمان موجب سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ ٻه ڪيس سامهون آيا آهن، ۽ هلندڙ سال سنڌ ۾ پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ 5 ٿي ويو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 2020ع ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو انگ 12 ٿي چڪو آهي.

پوليو جي خاتمي واري سيل موجب ٻارن جو تعلق ضلعي بدين ۽ قمبر سان آهي، ضلعي بدين جي رهواسي 3 سالن جي ٻارڙي ۽ ضلعي قمبر جي رهواسڻ 3 سالن جي ٻارڙي ۾ پوليو جي تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.