”گزري، پنجاب، دهلي ۽ پي اين ٽي ڪالونين مان غير قانوني اڏاوتون ڊاهيو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن واري معاملي جي ٻڌڻي دوران هدايت ڏني آهي ته پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، پي اين ٽي ڪالوني ۽ گذري روڊ تي غير قانوني اڏاوتون ڪيرايو.

عدالت عظميٰ جي ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل بينچ شهر قائد ۾ سرڪاري زمينن تي قبضي، انهن تي عمارتون ۽ ڪالونيون ۽ عمارتون اڏڻ، شهر جي نئين سر بحالي، ڪي پي ٽي جي زمين سميت ٻين معاملن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران اٽارني جنرل فار پاڪستان انور منصور خان، ڪنٽونمنٽ بورڊ جي آفيسرن، صوبائي حڪومت جا نمائندا ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته ڪنٽونمنٽ قانون ۾ رهائشي علائقن ۾ ڪيتري ماڙ عمارت بڻجي سگهي ٿي، گڏوگڏ ئي عدالت ڪنٽونمنٽ بورڊ جي وڪيل کان پڇيو ته پي اين ٽي ڪالوني ۾ بلند عمارتون ڪنهن جي اجازت سان اڏيون ويون؟

جنهن تي ڪنٽونمنٽ بورڊ جي اختيارين ٻڌايو ته رهائشي علائقن ۾ گرائونڊ پلس ون جي اجازت آهي جڏهن ته ڪمرشل علائقن ۾ وڌ کان وڌ 5 منزل عمارت کي اڏڻ جي اجازت آهي.

ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ڪهڙي دنيا ۾ رهندا آهيو، توهان انگريزي ٻولي ڳالهائي اسان کي ڪجهه نٿا ڪري سگهو، ڇا توهان کي خبر ناهي ته حقيقت ڇا آهي، ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ ڇا پنهنجي پوزيشن واضح ڪري سگهي ٿو.

جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته دهلي ڪالوني ۾ گرائونڊ پلس ون جي اجازت آهي، ان تي عدالت چيو ته ڪنهن چيو ته دهلي ڪالوني رهائشي علائقو آهي؟ لڳي ٿو ته توهان ڪالوني ويا ئي ناهيو.

چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته توهان پنهنجي انگريزي مان خوش نٿا ڪري سگهون، انهيءَ دوران ڊائريڪٽر لينڊ ڪنٽونمنٽ ٻڌايو ته پي اين ٽي ڪالوني ۾ عمارتون غير قانوين طور تي اڏيون آهن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته هڪ هڪ فليٽ توهان 5 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪيا ۽ هاڻ چئو ٿا ته غير قانوني اڏاوتون آهن.

عدالت ڊائريڪٽر لينڊ ڪنٽونمنٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا توهان اکيون بند ڪري هلندا آهيو؟ توهان کي خبر آهي ته ڪنٽونمنٽ ڇا هوندو آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.