هيءَ خبر پڙهڻ کانپوءِ شاگردن کي اگر بتيءَ سان محبت ٿي ويندي…!

 

ميونخ (ويب ڊيسڪ) اگر بتي هونئن ته خوشبوءَ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي پر جيڪڏهن توهان ذهانت ۾ واڌ چاهيو ٿا ته اگر بتي ٻاريو، اهو ڪو ٽوٽڪو نه پر جرمني ۾ ڪيل هڪ تازي نفسياتي تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جو خلاصو آهي.

نيچر پبلشنگ گروپ جي هڪ تحقيقي مقالي ”سائنٽفڪ رپورٽس“ جي تازي شماري ۾ يونيورسٽي آف فرائيبرگ، جرمني جي ماهرن پنهنجي هڪ دلچسپ تحقيق جا تفصيل شايع ڪرايا آهن، جيڪا انهن اسڪول جي ٻارن تي ڪئي هئي.

انهن ڇهين درجي ۾ پڙهندڙ 54 شاگردن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ۽ انهن تي ڪيترائي نفسياتي تجربا ڪيا، شاگردن جي مادري ٻولي جرمني هئي پر اسڪول ۾ انهن کي انگريزي جا لفظ به سيکاريا پئي ويا.

پهرين تجربي ۾ هڪ ڌڙي جي ٻارن کي پڙهائي دوران اگر پتيون ٻاري ڀرسان رکڻ جو چيو ويو، جڏهن ته ٻئي گروپ کان اهڙو ڪجهه نه ڪرايو ويو.

ٻئي تجربي ۾ هڪ گروپ جي ٻارن کي چيو ويو ته اهي رات جو سمهڻ وقت اگر بتي ٻارين ۽ سرانديءَ ڀرسان ڪنهن محفوظ هنڌ رکن، جڏهن ته ٻئي ڌڙي کي اگر بتيون ٻارڻ کانسواءِ سمهڻ جو چيو ويو.

اهو عمل ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهيو، جنهن کانپوءِ انگريزي لفظ سکڻ جي مناسبت سان ذهني صلاحيت ۽ يادداشت جي حوالي سان انهن سڀني ٻارن جي ٽيسٽ ورتي وئي.

نتيجن ۾ فرق واضح هو ته جن ٻارن پڙهڻ ۽ سمهڻ دوران اگر بتيون ٻاريون، مطلب خوشبو سنگهندا رهيا، ٽيسٽ ۾ انهن جي ڪارڪردگي اهڙن ٻارن کان 30 سيڪڙو وڌيڪ هئي، جيڪي اگر بتي جي خوشبو کان پري رهيا.

اها ڳالهه به سڀ ڄاڻن ٿا ته انساني ذهن تي خوشبو جا هاڪاري اثر پوندا آهن، جڏهن ته بدبوءِ اسان جي ذهنن کي ناڪاري انداز سان متاثر ڪندي آهي.

يونيورسٽي آف فرائيبرگ ميڊيڪل سينٽر جي ڊپارٽمينٽ آف سائيڪاٽري اينڊ سائيڪو ٿراپي جي انتظام هيٺ اها تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر جوئر جن ڪورنمائير جو چوڻ هو ته عام جياپي ۾ خوشبو جي وڏي اهميت آهي، مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته خوشبوءَ جو اثر اسان جي ذهن ۽ سکڻ جي صلاحيت تي به هاڪاري اثر وجهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.