ڪورونا وائرس: عالمي ايمرجنسي قائم

 مقبول ملاح

چين کان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس دنيا ۾ خطرناڪ حد تائين تيزي سان ڦهلجندو پيو وڃي ۽ آمريڪا، جاپان، فلپائين، نيپال، ڪينيڊا، آسٽريليا، سائوٿ ڪوريا،  ملائيشيا، سريلنڪا، روس، ٿائيلينڊ، متحده عرب امارات، ، برطانيا، ميڪسيڪو ۽ ويٽنام سميت لڳ ڀڳ دنيا جي 25 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي،  جڏهن ته چين کان ٻاهر فلپائن جي شهر منيلا ۾ 44 ورهين جو هڪ شخص به ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو آهي،  چين کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ ان بيماري سبب فوت ٿيندڙ هي پهريون شخص آهي، جنهن منيلا جي هڪ اسپتال ۾ دم ڏنو.  جڏهن ته پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ هن وقت تائين وائرس جي صحت کاتي طرفان تصديق نه ٿي آهي پر چين ۾ پڙهندڙ شاگرد پاڪستان  واپس اچي رهيا آهن جنهن مان وائرس پکڙجڻ جو خطرو موجود آهي،  سوشل ميڊيا تي آيل خبرن موجب چين مان آيل نوجوان کي کنگھه سان گڏ نڪ مان رت آيو آهي، ڳوٺ مگرجي جو نوجوان شاگرد شاهزيب راهوجو چين مان واپس آيل آهي، شاگرد چين جي شهر سنگو جي ايس ڊبليو پي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، شاگرد جي وارثن شڪايت ڪئي آهي ته شاهزيب کي کنگهه ۽ نڪ مان رت اچي ٿو، ڪورونا وائرس جي شڪ سبب نوجوان ۽ سندس مائٽ سخت پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن ته اهو پڻ رپورٽ ٿيو آهي ته ڊيمنگ يائو نالي چيني شهري پي آءِ اي جي اڏام ذريعي ڪراچي کان لاهور پهتو جيڪو لائونج ۾ ويٺو هو ته ان دوران اوچتو سندس نڪ مان رت اچڻ شروع ٿي ويو،  جنهن کي فوري طبي معائني بعد سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جو خدشو موجود آهي ته چين مان ايندڙ چيني توڙي پاڪستانين کي ڪورونا وائرس ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ڦهلجڻ جو خطرو موجود آهي. اهو ئي سبب آهي ته نه صرف وفاق پر سنڌ حۡڪومت به چين ۾ موجود شاگردن کي واپس اچڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن نه صرف چين جون سرحدون پر اڏامون به بند ڪري ڇڏيو آهن ته جيئن هن وائرس کان بچي سگهجي، چين جا ڪيترائي شهر هن وقت ويراني جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، خاص ڪري ووهان شهر، جتان ڪورونا وائرس جي شروعات ٿي آهي. ايتري تائين جيڪڏهن ڪو شخص رستي تي بيهوشي جي حالت ۾ پيل آهي ته اتان گذرندڙ ڪوبه ماڻهو ان جي ڀر مان به نه ٿو گذري نه ئي ان جي مدد ڪري ٿو.،ايتري تائين جو چين فوتين جا لاش دفن ڪرڻ تي پابندي لڳائيندي سمورن فوتين جا لاش ساڙڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صحت بابت عالمي اداري ڊبليو ايڇ او عالمي ايمرجنسي قائم ڪري ڇڏي آهي.

چين ۾ هڪ وقت تائين ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 300 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته وائرس سبب متاثرين جو انگ 15 هزارن تائين پهچي چڪو آهي ۽ چين ووهان سميت ڀرپاسي جا شهر بند ڪري ڇڏيا آهن. ايتري تائين جو هر گهر مان صرف هڪ فرد کي هر ٻن ڏينهن کانپوءِ ضروري شين جي خريداري لاءِ گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت آهي.

جهڙي نموني ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ائين ئي مختلف  افواهون به تيزي سان ڦهلجنديون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جا مختلف سبب ڄاڻايا ويا آهن، پر اڃان تائين ڪابه تصديق نه ٿي آهي ته ڪورونا وائرس ڪهڙي جانور مان ظاهر ٿيو آهي، پر اهو طعه آهي ته هن  وائرس جي شروعات ڪنهن نه ڪنهن جانور مان ٿي آهي ۽ هي  وائرس متاثر ماڻهو مان ٻئي ماڻهو تائين ڦهلجي ٿو، هن وقت تائين وائرس ۾ مبتلا ڪنهن به شخص جو علاج ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ ته ڪابه دوا يا ويڪسين تيار نه ٿي آهي، جڏهن ته احتياط ئي واحد علاج يا هن وائرس کان بچاءَ جو ذريعو آهي.

پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ اڃان تائين صحت کاتي طرفان ڪوبه ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ ٽيسٽنگ ليبارٽري به موجود ڪونهي، جيڪڏهن  چين مان آيل پاڪستاني توڙي چيني ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هوندو ته به سندس ٽيسٽ نه ٿي ٿي سگهي.  هن وقت پاڪستان حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ته هو چين ۾ موجود پاڪستانين کي ملڪ وٺي اچڻ لاءِ مدد ڪري يا کين اتي ئي رهڻ ڏئي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جو خيال آهي ته جيڪڏهن هو هتي آيا ۽ وائرس پکڙيو ته پاڪستان حڪومت لاءِ ڏکيو ٿي ويندو ته هو ان تي قابو پائي سگهي، پر جيڪڏهن چين ۾ ڪو پاڪستاني وائرس ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته يقينن چيني شهرين سان گڏ چيني حڪومت انهن جي علاج جو به بندوبست ڪندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.