وفاق رليف ڏيڻ بدران عوام کي مهانگائي طرف ڌڪيو آهي: حبيب راڄپر

گڏاپ (ن ع آ  ) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ حبيب راڄپر ملير  نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي 2 لک پگهار مان گهر نه ٿو هلي ته پورهيت مزدور جي پگهارن مان غريبن جي گهرن جا چلها ڪيئن هلندا هوندا، عام ماڻهو ڏينهون ڏينهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان ٿيندو پيو وڃي، انڪري سرڪار کي گهرجي ته گيس بجلي پيٽروليم جي مصنوعات سميت کائڻ پيئڻ جي شين تان ٽيڪس ختم ڪري ماڻهن کي رليف ڏي، عوام ڏينهون ڏينهن  بک بدحالي سبب ڌڪجيو پيو وڃي، سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کي گهرجي ته اهي ماڻهن جي تڪليفن تي به نظر رکن، هن وڌيڪ چيو ته زراعت واري ملڪ ۾ اٽي جو بحران جو سبب بدانتظامي چئي سگهجي ٿو، هن وقت غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، حڪومت کي گهرجي ته عوام جا مسئلا فوري طور تي حل ڪري، حبيب راڄپر چيو ته اسان جو ملڪ زرعي دولت سان مالامال آهي تيل گيس سميت سموري معدنيات اسان جي ملڪ ۾ آهي، ان جي باوجود به اسان جي ماڻهن کي مهانگو تيل ۽ مهانگو اٽو ڏيڻ حڪومتن جي نااهلي ۾ شمار ٿئي ٿو، انڪري حڪمرانن کي گهرجي ته پنهنجي نااهلي ختم ڪري عوام کي رليف ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.