پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پرچائي ورتو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پنهنجي اتحادي پارٽين متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي پرچائي ورتو.

وفاقي حڪومت طرفان پنهنجي اتحادين کي پرچائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ انهيءَ مشن جي تحت حڪومتي وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.

ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ پارٽي وفد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي گهر پهتو جتي حڪومتي وفد سان ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ حڪومتي اتحاد ۾ واپسي ۽ ڪراچي پيڪيج تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ برف ڳَرڻ لڳي آهي ۽ حڪومتي وفد خالد مقبول صديقي کي پرچائي ورتو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته حڪومت خالد مقبول صديقي جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم مان ڪنهن ٻئي کي وزير نه بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.