وڌندڙ مهانگائي، خوراڪ جي کوٽ ۽ حڪومتي نااهلي

عتيق ملاح

ملڪ ۾ هڪ طرف مهانگائي آهي ته ٻئي طرف بيروزگاري آهي، سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، مهانگائي تي حڪمران ضابطو نه آڻي سگهيا آهن، پيٽرول، گئس، بجلي جي وڌيل اگهن کانپوءِ هاڻي اٽي سميت کاڌي ۽ پيتي جي روز وارين شين جا اگهه هڪٻئي جي پٺيان وڌڻ لڳا آهن، اٽي جي بحران کانپوءِ کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ کنڊ به 80 روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته اٽو اڳ ئي 70 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو، اهڙي طرح کاڄرو تيل، دالين ۽ ڀاڄين جا اگهه اڳ ئي چوٽ چڙهيل هئا، کاڌي پيتي جون شيون غريب ماڻهن جي پهچ کان پري هليون ويون آهن. اٽي چڪي، فلور مل مالڪن ۽ منافعي خورن جي ملي ڀڳت سان ڪڻڪ جي اٽي جو في ڪلو 70 روپين تائين پهچائڻ وارو اگهه براقرار آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ اگهن تي ٿيل ڳاٽي ٽوڙ واڌ باوجود ڪي به تڪڙا قدم نه کنيا آهن.

هڪ طرف اٽي جو اگهه چوٽ چڙهيل آهي ته ٻئي طرف حيدرآباد جي اٽي چڪي مالڪن اگهه گهٽ نه ڪرڻ تي انتظاميا پاران سندن خلاف ڪارروائي جي ڏنل وارنگ سبب پنهنجي چڪين کي تالا هڻي بند ڪري شهر ۾ اٽي جو وڌيڪ بحران پيدا ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، چڪي مالڪن پنهنجون چڪيون بند ڪري ڇڏيون آهن.

سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آبادگار فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ جون دانهون ڪندا رهيا آهن، عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به سنڌ جا فصل لهندا آهن ته زرعي جنسن جا اگهه ڪري پوندا آهن، سنڌ جا آبادگار ان جو ڪارڻ پرڏيهه ۽ ٻين صوبن مان کنڊ، ڪڻڪ، ٽماٽا ۽ ٻيون سبزيون گهرائڻ کي ڏيندا آهن، هن به ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيل آهي، جنهن کي آبادگارن ۽ عام ماڻهو حڪومتي نااهلي سميت ان بحران کي  هٿ جو پيدا ڪيل بحران قرار ڏئي رهيا آهن، اٽي جي بحران واري صورتحال کانپوءِ وفاقي حڪومت پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا ڪڻڪ مارچ تائين هتي پهچندي.

سنڌ جي آبادگار تنظمين وفاقي حڪومت پاران پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته فيبروري ۽ مارچ جي شروعات ۾ هتان جي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي ويندي، جنوري جي آخر ۾ پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائڻ جو ڪو به فائدو نه ته ٿيندو، پر هتان جي آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ ملڪ جو پيسو زيان ٿيندو، گذريل سال به آبادگارن کان ڪير ڪڻڪ وٺڻ جي لاءِ تيار نه هو، سرڪار پاران ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جي ڪري آبادگار وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ واپارين کي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي مجبور ٿي ويا، سنڌ ۾ ٽارگيٽ کان وڌيڪ ڪڻڪ جي اپت ٿي اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئي، اها ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي ان جي ڪا خبر ناهي، اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو سبب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نااهلي آهي، کنڊ جو اگهه وڌڻ به شگر مافيا جي سازش آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته اٽي جو بحران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نااهلي جي ڪري پيدا ٿيو آهي، هن وقت 3 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، سنڌ جي ڪڻڪ آڳاٽي لهندي آهي، سنڌ ۾ آڳاٽي ڪڻڪ جا لابارا فيبروري جي آخر ۾ ٿي ويندا آهن، جڏهن ته سموري سنڌ ۾ ڪڻڪ جا لابارا مارچ جي مهيني ۾ پورا ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن ٻاهران ڪڻڪ گهرائي وئي ته سنڌ جي آبادگارن کي ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪن ها ته ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، هاڻ جيڪا به ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي ان جو نقصان هتان جي عوام جو ٿيندو.

سنڌ ۾ گذريل سال ٽارگيٽ کان وڌيڪ ڪڻڪ جي اُپت ٿي هئي، 4 کان 5 ملين ٽن ڪڻڪ جو ٽارگيٽ سنڌ حاصل ڪيو هو، پر سنڌ حڪومت گذريل سال آبادگارن کان مقرر 1 پوائنٽ 2 ملين ٽن ڪڻڪ ڪوٽا تحت خريد نه ڪئي، حڪومت خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ مٽي سان ڀريل ٻوريون ڏسي نه ڪڻڪ ورتي، پوءِ آبادگار مڊل مين جي ور چڙهي ويا، جن گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري آبادگارن کي لٽيو، مڊل مين جي ڪردار جي ڪري آبادگارن کي ته نقصان ٿيو پر هاڻ عام ماڻهو به ان جو شڪار ٿي رهيا آهن، انتظامي نااهلي جي ڪري عوام ڀوڳي رهيو آهي.

آبادگارن موجب ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران وڌي سگهي ٿو، آبادگارن کان ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ سبب آبادگارن کي 13 سئو 25 ارب روپين جو نقصان ٿيو. اها ته سڌي ڳالهه آهي جيڪڏهن سرڪار وٽ ڪڻڪ موجود ناهي ته پوءِ عام واپاري ۽ سرمائيدار ئي مهانگي ڪڻڪ وڪرو ڪندو ۽ مارڪيٽ ۾ اٽي جا اگهه وڌندا.

هاڻ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته گذريل سال ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿي هئي، پر اها ڪڻڪ ڪيڏاهن وئي ان جي ڪا به خبر ناهي، گذريل سال ايتري ڪڻڪ موجود هئي جو ڪير ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو، اها ڪڻڪ اسمگل ٿي يا ٻيا ڪي ڪارڻ هئا، ايتري وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ گم ٿي وڃڻ تي سوال اٿن ٿا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي خوراڪ وارين وزارتن کي پنهنجا زخيرا اڳ ۾ ئي ڏسڻ گهرجن ها، انهن وزارتن جو ڪم ئي ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ گڏ ڪري رکڻ آهي، جيڪڏهن خوراڪ کاتي وارن پنهنجو ڪم نه ڪيو ته پوءِ اهڙيون وزارتون قائم ڪري ملڪ جا اربين روپيا ڇو زيان ڪيا پيا وڃن. حڪومت وٽ اسٽاڪ موجود نه هو ته آگسٽ يا سيٽمبر ۾ ڪڻڪ خريد ڪن ها ته عام ماڻهن کي ان جو فائدو ٿئي ها ۽ اڄ اٽي جا اگهه نه وڌن ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.