شاهه محمود قريشي جي پومپيو سان ملاقات…!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي دوري تي موجود پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي آمريڪي هم منصب مائيڪ پومپيو سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪ_آمريڪا لاڳاپن سميت علاقائي ۽ باهمي دلچسپي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسٽيٽ آفيس واشنگٽن پهچي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات ڪئي، ان دوران شاهه محمود قريشي ايران ۽ سعودي عرب جي دوري بابت تفصيل به آمريڪي پرڏيهي وزير سان شيئر ڪيا.

ملاقات دوران شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جو ‘‘پر امن ڏکڻ ايشيا’’ جو خواب ان وقت تائين پورو نٿو ٿي سگهي جيستائين ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ 80 لک ڪشميرين جي اميدن مطابق حل نٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل ڪاوشن سان 40 سالن جي ڊگهي محاذ آرائي کانپوءِ سياسي حل ذريعي امن جي خوشخبري ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، پاڪستان صاف نيت سان افغان امن عمل جي گڏيل ذميواري نڀائي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ٽرمپ جي ٻه طرفه پاڪ_آمريڪا لاڳاپن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو ته افغانستان جي سياسي نبيري، افغان امن عمل ۽ ساٿ لاءِ پاڪستان جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.