وزير اعظم جو چئني صوبن ۾ اهم اسپتال بڻائڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي سمورن صوبن ۾ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي اسپتال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۾ ڄاڻايل اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊيزيز اسپتال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني صوبن ۾ 500 بسترن وارا بون ميرو اسپتالون قائم ڪيون وينديون. ان حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار اين آءِ بي ڊي جي سربراهه طاهر شمسي سان ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون.

ذريعن موجب سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اسپتالون قائم ڪيون وينديون، هڪ يونٽ جي اڏاوت تي 6 ارب رپين جي لاڳت ايندي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۾ يونٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.