ڪشمير مسئلي تي چين جي پوزيشن ۾ تبديلي ناهي ٿي…!

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي تحت حل چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلي تي چين جي پوزيشن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي.

تفصيل موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان بريفنگ دوران چيو ته ڪشمير مسئلي تي چين جي پوزيشن واضح آهي، ڪشمير مسئلو تاريخ تڪرار آهي جيڪو يو اين چارٽر جي تحت حل ٿيڻ گهرجي.

ترجمان جو چوڻ هو ته سلامتي ڪونسل ڪشمير مسئلي جو مفصل جائزو ناهي ورتو، ميمبرن ملڪ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي ۾ مبتلا آهن، ميمبر ملڪن زور ڏنو ته مسئلو عالمي قانون جي تحت حل ڪري.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته سلامتي ڪونسل جي نئين سر جائزي سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ممڪن آهي، نئين سر جازي سان مسئلي جي حل تي اڳڀرائي ممڪن آهي، چين علائقائي امن ۽ مضبوطي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.