عامر خان، خالد مقبول کي هٽائي امين الحق کي وزير بڻائڻ چاهي ٿو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته متحدا قومي موومينٽ ڪراچي وارن جو نالو وٺي استعفيٰ جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان پارٽي جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي کي هٽائي پنهنجن ماڻهن کي وزارت ۾ آڻڻ چاهي ٿو.

ڪراچي ۾ نيب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وفاقي حڪومت کي ايم ڪيو ايم کان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اهي حڪومت کان ٻاهر نٿا وڃي سگھن .

هن چيو ته جنهن وقت اهي حڪومت کان ٻاهر ايندا ته يوسي چيئرمين کان وٺي ايم پي اي، ايم اين اي تائين سڀ گرفتار ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته اها هنن جي پاڻ ۾ ويڙهه آهي، عامر خان، خالد مقبول صديقي کي استعفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي ڇو جو هو حقيقي گروپ کان آيل امين الحق کي وزير ۽ هڪ ٻئي اڳواڻ کي مشير بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ٻنهي کي وزارت ڏيارڻ لاءِ خالد مقبول صديقي تي دٻاءُ وڌو ويو.

پي ايس پي جي چيئرمين چيو ته خالد مقبول صديقي ڪنهن به غلط سرگرمين ۾ ملوث ناهي رهيو، سندس هٿ رت سان رنڱيل ناهن.

هن دعويٰ ڪئي ته عامر خان ايم ڪيو ايم ۾ اچڻ بعد حقيقي ۾ رهندي جيڪو منصوبو جوڙيو هو ان تي عمل ڪيو، هن 2011ع ۾ ايم ڪيو ايم ۾ اچڻ کان هڪ سال پوءِ ئي الطاف حسين خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو هو ۽ انيس قائم خاني خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون هيون.

سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم ڇڏي ويو ته هن جو زوال شروع ٿيو جنهن کان پوءِ فاروق ستار وٽ آيو ته عامر خان هن جو به ڪم لڳائي ڇڏيو ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم خالد مقبول صديقي وٽ وئي.

هن الزام مڙهيندي چيو  ته عامر خان متحده  قومي موومينٽ کي ايم ڪيو ايم حقيقي بڻائي ڇڏيو آهي.

ايم ڪيو ايم جي حڪومت سان جاري ڳالهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿي به وڃن ته خالد مقبول صديقي  کي وزارت تان هٽائي ڪنهن ٻئي کي وزير نه بڻائڻ گھرجي، اها هڪ وڏي سازش آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪراچي وارن سان سٺو نه ڪري رهي هجي ها ته سڀ کان پهريان ميئر ڪراچي کان استعفيٰ ڏيارڻ گھرجي ها، ميئر ڪراچي کان ان ڪري استعفيٰ ناهي ڏياري ويندي ڇو جو هو انهن سڀني جا خرچ پالي رهيو آهي.

پي ايس پي جي سربراهه هڪ ڀيرو ٻيهر الزام مڙهيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت سان ايم ڪيو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته آدم شماري ۾ جيڪي 70 لک ڪراچي جا ماڻهو گم ڪيا ويا آهن ان جو مطالبو ڪري، مارٽن ڪوارٽرز جي عوام جون جيڪي پريشانيون آهن جيڪڏهن انهن جي ڳالهه ڪجي اهي مسئلا وزيراعظم جي هڪ صحيح سان حل ٿي سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.