جنرل بپن راوت وري پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو

 

دهلي (ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي ايندڙ هفتي ٿيندڙ انتهائي اهم گڏجاڻي کان اڳ اعليٰ ڀارتي جنرل بپن راوت زهر اوڳاڇيندي چيو آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.

ڀارت جي پهرين چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت پرڏيهي وزارت ذريعي دهلي ۾ سالياني اسٽريٽيجڪ ميٽنگ ”راءِ سينا ڊائلاگ“ ۾ خطاب ڪندي چيو ته جيڪو به ملڪ دهشتگردن جي مدد ڪندو، ان خلاف اهڙي قسم جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، مان سمجهان ٿو ته ايف اي ٽي ايف طرفان اهڙن ملڪن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ هڪ سٺو قدم هوندو ۽ پوءِ ان ملڪ کي سفارتي طور الڳ ڪري ڇڏڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بليڪ لسٽ ڪرڻ باوجود گهربل نتيجا نه اچن ته ان ملڪ خلاف وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهڙا ملڪ ڪڏهن به سڄڻ نٿا ٿي سگهن، جيڪي دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ شامل به هجن ۽ دهشتگردي کي هٿي به ڏين.

هن چيو جيڪڏهن اسان کي لڳي ٿو دهشتگردي خلاف جنگ ختم ٿيڻ واري آهي ته اسان غلط آهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ختم نه پئي ٿئي، اها اڳتي به جاري رهندي ۽ اسان کي ان مان سکڻو پوندو، دهشتگردي جو خاتمو ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي، جيئن آمريڪا نائن اليون حملي کانپوءِ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.