پکي ۽ ڀرپاسي ڪيترائي اسڪول بند، ٻارڙا تعليم کان محروم

پکو (رپورٽ: عبدالوحيد ميئو)  پکي ۽ ڀرپاسي   جا اسڪول مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھن، اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري تدريسي عمل سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي،  ڄاڻ موجب علائقي جي مختلف يوسيز يوسي خيرپور جوسو، يوسي آبڙي، يوسي گھٽھڙ، يوسي ٻير شريف، يوسي جيوڻ ابڙو، يوسي رانوتي، يوسي غيبي ديرو ۾ ڪيترائي پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪول بنيادي مسئلن جي ور چڙھيل آھن،  پکي جي ڪيترن ڳوٺن قلندر بخش مغيري، ڌمڻ مغيري، گھوگھاري، بچو مغيري، پريو مغيري، نئون ڳوٺ، الھڏنو تونيو، شريف ڀٽو، يار محمد مغيري جي پرائمري اسڪولن جو تعليمي نظام ڊانونڊول بڻيل آھي، ڪيترن ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن جون بلڊنگون مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حال بڻجي ڪرڻ ڪنڌي تي پھتل آھن، جڏھن بلڊنگ جي ڇتين ۽ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن، ڪيترن اسڪولن جون چوديوارون ۽ مين گيٽون پڻ پٽ پيل آھن جنھن ڪري اسڪولن ۾ رولو جانورن پنھنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن، ڪيترن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ سبب اسڪولن ۾ پڙھائي وارو عمل ٺپ بڻيل آھي،  اسڪولن ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري روزانو سوين معصومڙا بنا استاد ۽ پڙھائي جي ويھي ويھي خالي واپس ورڻ لڳا آھن،  اسڪولن ۾ فرنيچر جي شديد کوٽ سبب ٻارڙا سخت سردي ۾ پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، ان حوالي سان علائقي واسين  سڪندر کچي، محرم مغيري، زاھد حسين خشڪ،  لياقت ميراڻي، خالد چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو تهج ڪيترائي اسڪول بند پيل آهي، عمارتون زبون آهن، سهولتون نه  هجڻ ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر تعليم کاتي ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو،  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کولراِئي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.