ميان صاحب ۾ ماني دير سان پچائڻ تان مڙس هٿان زال قتل

ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب ويجھو ھمايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ راھڙي ۾ گھرو اڻبڻت ۽ ماني دير سان پچائي ڏيڻ تي محمد خان معرفاڻي پنھنجي گھرواري چئن ٻارڙن جي ماءُ 30 ورھين جي مسمات حضوران   کي پسٽل جا فائر هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن بعد جوابدار  فرار ٿي ويو، قتل جي اطلاع ملڻ تي ھمايون ٿاڻي جي پوليس قتل واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال شڪارپور کڻائي وئي،   ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو،  پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيو  ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.