سڀ فراڊي آهن…! وزير اعظم جو نواز شريف جي تصوير ڏسي تبصرو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان تازو ئي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ن ليگي اڳواڻن جي هوٽل ۾ تصوير تي تبصرو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ نواز شريف جي لنڊن ۾ ورتل تصوير جو معاملو به بحث هيٺ آيو.

ڪابينا ميمبرن پڇيو ته، وزير اعظم صاحب! توهان نواز شريف جي هوٽل واري تصوير ڏٺي آهي؟

ان تي وزير اعظم عمران خان ٿورو کلندي چيو ته ها مون تصوير ڏٺي آهي، سڀ فراڊي آهن.

ياد رهي ته گذريل عمران خان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ملڪ ۾ ماني کائيندي وائرل ٿيل تصوير جو نوٽيس وٺندي پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ٽيليفون ڪئي ۽ هن کان پڇيو ته ٻاهر وڃي ماني کائي رهيو آهي هي بيمار آهي تندرست.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.