بالي ووڊ هدايتڪار نريندر موديءَ کان پنهنجي سڃاڻپ گهري ورتي…!

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار ۽ فلمساز انوراگ ڪشيپ تڪراري شهريت ترميمي بل خلاف ردعمل ڏيندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان ئي سندس پيءُ جو پيدائشي سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڀارت ۾ شهريت بابت تڪراري بل جي منظوري کانپوءِ هر طبقي طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي، شاگردن ۽ سول سوسائٽي سان گڏوگڏ بالي ووڊ شخصيتن به ان معاملي تي آواز اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار انوراگ ڪشيپ، جيڪو گذريل سال ڊسمبر کان ان تڪراري بل خلاف آواز اٿاري رهيو آهي، هاڻ ٽوئيٽر تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان پنهنجو ۽ پنهنجي پيءُ سميت سڄي ڪٽنب جو برٿ سرٽيفڪيٽ قوم کي ڏيکارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

انوراگ ڪشيپ چيو آهي ته اهي سمورا برٿ سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ کانپوءِ ئي نريندر مودي ڀارت جي شهرين کان شهريت بابت ڪاغذ طلب ڪري سگهي ٿو.

هن بي جي پي حڪومت کي نااهل قرار ڏيندي چيو ته تڪراري شهريت جو قانون انهن جي نوٽ بندي واري منصوبي جهڙو آهي، انهن جو ڪو ٻيو منصوبو ۽ ٻيو نظريو بس غنڊا گردي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.