پوليس چيڪ پوسٽ جي ڀرسان ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي ڪارخانو پوليس چيڪ پوسٽ جي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ٽيمن زخمين کي حيات آباد ميڊيڪ ڪمپليڪس منتقل ڪيو جنهن جي ترجمان چيو ته 9 زخمين کي هتي آندو ويو جنهن ۾ 5 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته زخمين مان 2 عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پر ايس ايس پي آپريشنز ظهور بابر آفريدي ڌماڪي ۾ 10 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

هن چيو ته ڌماڪو ضلعي خيبر جي حدن سان گڏ موجود پشاور پوليس چيڪ پوسٽ جي ڀرسان ٿيو جڏهن ته بم روڊ جي ڪناري تي لڳل هو.

اي آءِ جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ شفقت ملڪ چيو ته ڌماڪو دستي بم جو هو ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته شاهديون گڏ ڪري جاچ جو آغاز ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.