ايم ڪيو ايم کي ڪنهن ٻي وزارت لاءِ سوديبازي نه ڪرڻ گھرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پنهنجي فيصلي تي اصولي اعتبار سان بيهڻ گھرجي ۽ ڪنهن ٻي وزارت لاءِ سوديبازي نه ڪرڻ گھرجي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي طرفان ايم ڪيو ايم کي ڏنل آڇ اڄ به موجود آهي.

هن چيو ته اسان جي آڇ سنڌ حڪومت لاءِ نه هئي پر سنڌ جي عوام جي مسئلن بابت اثرائتي طريقي سان وفاق سان  وڙهڻ لاءِ هئي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي آڇ هڪ ناڪام حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ ۽ جعلي مينڊيٽ سان قائم ٿيل حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ هئي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو بلاول ڀٽي جو ويزن آهي ته جيڪا ڳالهه هن ڪجهه هفتا اڳ ڪئي اهو ان جو نتيجو آهي ته متحدو قوم موومينٽ اهو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته آئون گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ان فيصلي تي اصولي اعتبار سان بيهي رهڻ گھرجي ۽ ڪراچي جي عوام سان گڏ بيهي رهڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي وارن سان گھڻا واعدا ڪيا هئا، 162 رپين جي ترقياتي فنڊن جو چيو ويو پر هڪ به واعدو وفا نه ڪيو ڀلي اهو ترقياتي پيڪيج هجي، ڪي ايم سي هجي يا وري مٺي اسپتال جي فنڊنگ هجي.

سنڌ جي اطلاعات واري مشير چيو ته وفاقي حڪومت هڪ به واعدو وفا نه ڪيو ان ڪري آئون ايم ڪيو کي گذارش ڪيان ٿو ته خدارا ڪراچي جو ڪيس پرزور طريقي سان وڙهو ۽ ڪنهن ٻي وزارت لاءِ سوديبازي نه ڪجو.

هن چيو ته جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ڪراچي وارن جو ڪيس وڙهنداسين ته وفاقي حڪومت کي 162 ارب رپيا ترقياتي پيڪيج لاءِ منتقل ڪرڻا پوندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ چيو ته وزيراعظم عمران خان گلشن اقبال مان اليڪشن وڙهيو اتي جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ٿيا؟ آئون گذارش ڪيان ٿو ته يا ته واعدا ڪيو نه جيڪڏهن ڪيو ته اهي پاڙيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.