راشدي ڳوٺ ۾ محفل درود ۽ يارهين شريف جي تقريب

گلشن اقبال ( ن ع آ ) حافظ مخدوم حبيب الرحمٰن قادري راشدي ڳوٺ ۾ جمعيت علما  طاهريه پاران ڪوٺايل محفل درود ۽ يارهين شريف جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته الله پاڪ جي ذڪر کان پري رهڻ سان ذهني بي چيني وڌي ٿي  ۽ خدا جي ياد سان روحاني سڪون ملي ٿو ۽ درود شريف هر دعا جي قبوليت جو ذريعو آهي ۽ درود پاڪ پڙھڻ سان برڪتون ۽ نعمتون حاصل ٿين ٿيون الله جي ذات ۽ سندس فرشتا به حضور پاڪ تي سلامتي موڪلين ٿا، ان موقعي تي ٻين مخدوم رفيق الزمان،علامه سعيد احمد کوکر،حافظ محمد انور حسيني،محمد لکمير قاسمي خطاب ڪيو ۽ مشهور نعت خوانن احمد سومرو،صدام حسين تنيو نعتون پڙهيون.

کوکراپار۾ قبرستان مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو

کوکراپار (رپورٽ: عنايت قمبراڻي) کوکراپار۾ يوسي چيئرمين پاران قبرستان جي حوالي سان علائقي جي سڀني برادرين جو اجلاس گھرايو ويو، قبرستان جي مسئلي جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو، قبرستان جو مسئلوسڀني جو آھي، جنھن جي حل لاءِ سمورن کي  گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اھڙن خيالن جو اظهار يوسي غريب آباد جي چيئرمين پير صديق شاھ قريشي اجلاس ۾ آيل مختلف برادرين جي اڳواڻن جن ۾ پ پ پي ايس ٨٩جي آرگنائيزر ھاشم ڪڇي واگير برادري جي صدر اسلم واگير عرفان ڄاموٽ پرھياڙ برادري جي صدر يعقوب پرھياڙ  علي نواز پرھياڙ  ڪيھر برادري جي چيئرمين اسلم مبارڪ شيخ برادري جي ڪريم شاھ لاسي برادري چي اڳواڻ قادر لاسي  سمون برادري جي عمران سمون حاجي صديق سمون خاصخيلي برادري جي عظيم خاصخيلي لوھار واڍا برادري سنگھار برادري نوڙيا برادري مندرھ برادري خليفا برادري  مڱريا برادري سميت مختلف برادرين جي اڳواڻن سان ڳالھائيندي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته لال شاھ قبرستان کوکرا پار جو واحد قبرستان آھي جتي سڀني برادرين جا ماڻھو  پنهنجن پيارن کي دفن ڪن ٿا .

قاضي احمد پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن کي نشات اڳواڻن طرفان مبارڪون

قاضي احمد )ن ع آ)ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلعي شھيد بينظير آباد پاران پير آف لواري شريف حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي مئنيجر سرائي الھرکيو جتوئي، نشات تنظيم جماعت لواري شريف ريجن شھيد بينظير آباد جو اڳوڻو صدر علي بخش قرشي، ممتاز علي ميمڻ نگران نشات، عبدالجبار ابڙو، نبي بخش سومرو نائب صدر ناجيه شاگرد تنظيم ضلعي شھيد بينظير، شمس صلاح ڪيريو پريس سيڪريٽري، عابد علي ڪوريجو انفارميشن سيڪريٽري، زاھد مھر، سراج ڪوريجو ۽ ٻين پريس ڪلب قاضي احمد جي چونڊيل عھديدارن کي پريس ڪلب پھچي عھديدارن ۽ ميمبرن کي گلن جا ھار پارايا ۽ مٺائي کارائي.  ٻئي پاسي شهرين پرويز ميمڻ، اياز انڙ، پپو مهر، صحافي آفتاب جتوئي، رانا انور راول ۽ ٻين پريس ڪلب قاضي احمد پهچي گلن جا هار پارائي مبارڪباد پيش ڪيو.

جوهي ۾ روينيو کاتي جو تپيدار لاڏاڻو ڪري ويو

جوهي ( ت ر ) جوهي شھر جو رهواسي روينيو کاتي ۾ تپيدار خالد حسين سولنگي کي اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري حيدراباد ۾ انتقال ڪري ويو.  جنهن جو لاش جوهي پهچڻ تي شھر ۾ سوڳ ڇانيل رهيو رات دير سان جوهي جي گرلز ڪاليج ۾ جنازي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي اباڻي قبرستان جوهي ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.