آمريڪا جي بچاءَ واري وزير صدر ٽرمپ جي دعوائن کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي بچاءَ واري وزير مارڪ ايسپر صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن دعوائن جي ثبوتن کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، جن کي جواز بڻائي هن ايراني جنرل قاسم سليماني کي هدف بڻايو.

ايراني جنرل قاسم سليماني کي عراق ۾ هدف بڻائي مارڻ جي تازي واقعي کانپوءِ آمريڪا ۾ ان فوجي ڪارروائي جي سببن بابت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي شڪ شبها وڌي رهيا آهن.

آمريڪي بچاءَ واري وزير مارڪ ايسپر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي اهڙين امڪاني شاهدين جو ڪو علم ناهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي چئن سفارتڪارن تي حملن جي رٿابندي ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو مون کي يقين آهي ته ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي سپاهه قدس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني اهڙن حملن جي رٿابندي ڪئي هئي.

مارڪ ايسپر جو چوڻ هو ته ايران ”شايد“ خطي ۾ آمريڪي سفارتخانن تي حملي جو ڪو منصوبو جوڙيو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.