پتي جي پٿرين جا قسم:ارسلان علي ملڪاڻي

پتي جون پٿريون ٻن قسمن جون هونديون آهن.
1.ڪوليسٽرول مان ٺهيل پٿريون:
پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گهڻو ڪري ڪوليسٽرول جي ذريعي ٿيندو آهي. اها ڪوليسٽرول اسان جي بائيل(Bile) جو هڪ اهم جزو آهي. جڏهن پتو کاڌو کائڻ کانپو به مڪمل خالي نه ٿئي ته ان ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي.پتي ۾ 80 سيڪڙو پٿريون ڪوليسٽرول مان ئي ٺهنديون آهن.
2.پگمنٽ (Pigment) جون ٺهيل پٿريون:
پگمنٽ اسان جي جسم ۾موجود رنگين ڪيميڪل آهي. پگمنٽ ڪنهن به رنگ جو ٿي سگهي ٿو. اسان جي جسم ۾ وار، اکيون يا اسان جي کل جو رنگ انهن مختلف پگمنٽس جي موجودگي جي ڪري ئي آهي. بليريوبن (Bilirubin) به هڪ قسم جو پگمنٽ ئي آهي. جنهن جي گهڻائي سان اسان جو جسم پيلو ٿي ويندو آهي.جنهن کي عام زبان ۾ سائي (Jaundice) چوندا آهن. اها بليريوبن جگر ۾ ٺهندي آهي ۽ هڪ نالي جي ذريعي پتي ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اسان جي ننڍي آنڊي ۾ پهچي هاضمي جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. پتي ۾ ٺهندڙ پگمنٽ جون پٿريون اصل ۾ بليريوبن جون ٺهيل هونديون آهن.
پتي جون پٿريون مختلف ماپ جون ٿي سگهن ٿيون.
مثال طور: واري جي ذرن جيتريون، ٻج جيتريون يا وري ننڍن وڏن پٿرن جيتريون..
اڪثر ڪري پتي جون پٿريون بيماري جو ڪارڻ نه بڻجنديون آهن. انڪري انهن جو علاج به نه ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن اُهي پتي ۾ يا پتي مان نڪرندڙ نالين ۾ انفيڪشن ڪرڻ لڳن يا انهن نالين کي بند ڪرڻ لڳن ته پو علاج ڪرائڻ ضروري هوندو آهي.
پتي جي پٿري جون علامتون….
اڪثر ماڻهن کي پتي ۾ پٿري هجڻ باوجود ڪا به علامت نه هوندي آهي. انهن کي خاموش پٿريون (Silent stones) چوندا آهن.
جڏهن پتي جون پٿريون تڪليف ڪرائڻ لڳن ته مريضن کي هيٺيون علامتون ٿي سگهن ٿيون.
پتي جي پٿري جو سُور عام طور تي پيٽ جي مٿئين ساڄي حصي ۾ ٿيندو آهي جيڪو وچ کان وٺي ساڄي پاسراٽين تائين ٿي سگهي ٿو.
سُور ساڄي ڪلهي ۾ يا ساڄي پاسي واري پُٺي ۾ به ٿي سگهي ٿو. پتي جو سُور مسلسل يا وري وقفي وقفي سان پئجي سگهي ٿو.
ماني کائڻ کانپو پتو پنهنجو هاضمي جو ڪم شروع ڪندو آهي انڪري پتي ۾ پٿري جي موجودگي جيڪري ماني جي فورن بعد تڪليف ٿيڻ به ممڪن آهي.
بد هضمي، گيس ۽ پيٽ ۾ ڀرتي ٿيڻ.
جڏهن پٿري پتي مان ٻاهر نڪري پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي ته علامتون وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ٿي وينديون آهن.مريض کي الٽي يا الٽي محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ بخار ۽ ڏڪڻي به ٿي سگهي ٿي.
پتي مان نڪرندڙ پٿري جڏهن پتي جي نالي ۾ ڦاسي پوي يا ان کي مڪمل بند ڪري ڇڏي ته مريض کي سائي به ٿي سگهي ٿي, اهڙي صورتحال ۾ جلد از جلد ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
پتي مان نڪرندڙ پٿري هڪ تمام خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي جنهن کي پينڪرياٽائيٽس (Pancreatitis) چوندا آهن. هي لبلبي جي هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا وقت سر علاج نه ڪرائڻ سان جان ليوا به ٿي سگھي ٿي.
انڪري پتي جي پٿري واري مريض کي جڏھن به شديد سور پوي ته بنا دير جي ڪنھن مستند سرجن وٽ پھچڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.