ايڇ پي جو نئو طاقتور آل ان ون ڪمپيوٽر

يليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪالهه ليپ ٽاپن تي گھڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ هاڻ هڪ طاقتور آل ان ون ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر  متعارف ڪرايو ويو آهي.

هڪ مشهور ڪمپني ايڇ پي لاس ويگاس ۾ سي اي ايس نمائش ۾ پنهنجو نئون ڪمپيوٽر اينوي 32 اي آءِ او متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ 31.5 انچ جي فور ڪي ڊسپلي به هوندي جڏهن ته ان جي اندر نيويڊا جي فورس آر ٽي ايڪس 2080 موجود آهي.

اهو پهريون آن ان ون ڪمپيوٽر آهي جيڪو نيويڊا آر ٽي ايڪس اسٽوڊيو کان سرٽيفائيڊ آهي، يعني اهو آر ٽي ايڪس ڪورز کي استعمال ڪري اپليڪيشنز کي تيزي سان لوڊ ڪرڻ ۽ اي آءِ ورڪ لوڊ جي صلاحيت رکي ٿو.

ايڇ پي ان ۾ 65 واٽ انٽيل 9 جنريشن ڪور آ3 سيون پراسيسر، 32 جي بي ريم هڪ ٽي بي ايس ڊي اسٽوريج ڏني آهي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ڪمپيوٽر ۾ دنيا جو سڀ کان وڏي فور ڪي ڊسپلي ڏني وئي آهي جيڪا لڳ ڀڳ بيزل ليس آهي ۽ اسڪرين ٽو باڊي ريشو 92.8 سيڪڙو آهي.

اهو دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر آهي جنهن ۾ ايڇ ڊي آر 600 ڊسپلي ڏني وئي آهي.

اس ۾ ڪجهه ڪم جا فيچرز به ڏنا ويا آهن جيئن اوهان آڊيو يا وائرليس چارجنگ جا خواهشمند آهيو ته ڪمپيوٽر ان جي سهولت به فراهم ڪندو آهي.

ءِ اهو ڪمپني جي بقول دنيا جو پهريون اهڙو ڪمپيوٽر آهي ۽ ها اهو دنيا جو لائوڊسٽ آل ان ون به آهي، ايتري تائين جو اوهان ڪمپيوٽر جي اسپيڪرن سان موسيقي کيان وقت به اسٽريم ڪري سگھو ٿا جڏهن مشين کي پاور آف ڪيو وڃي.

ايڇ پي طرفان ڪمپيوٽر جي بيس کي وائرليس چارجنگ پيڊ ۾ تبديل ڪيو  ويو آهي جيڪو ڪمپيوٽر بند ٿيڻ تي به ه ڪم ڪندو آهي.

اهو ڪمپيوٽر هاڻ واهپيدارن لاءِ دستياب آهي جيڪو ڪمپني جي ويب سائيٽ تي 16 سئو ڊالرن ۾ خريد ڪري سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.