سال 2019ع جي پڄاڻي پاڪستاني ٽيم جي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو!

سرمد سولنگي

سال ٻھ ھزار اڻويھھ ويندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڄو سال جي مسلسل ناڪامين بعد 10 ورھين کانپوءِ پنھنجي ھوم گرائونڊن تي ٿينڊڙ پھرين ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري  سڄي سال جي ناڪامين مان جند آجي ڪئي.

پاڪستان سال جي آخري ٽيسٽ ميچ سريلنڪا خلاف کيڏي، ھن سال گڏيل طور پاڪستان ڪُل ڇھھ ٽيسٽ ميچون کيڏيون، ان کان اڳ کيڏيل پنجن ٽيسٽ ميچن مان چئن ۾ گرين شرٽس کي ناڪامي نصيب ٿي جڏھن تھ ھڪ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي ھئي، پر پاڪستاني ٽيم سال جي پڄاڻي ڪامياب سيريز سان ڪري مايوسين کي آخرڪار ھڪ  دفعو خوش ٿيڻ جو موقعو فراھم ڪيو ان سان گڏوگڏ  سريلنڪا جي ڪامياب دوري سان پاڪستان مٿان ڇانيل دھشتگردي جا ڪارا ڪڪر پڻ ھٽي ويا ۽ اھڙي ڪامياب سيريز بعد ھاڻ ڪنھن بھ ٽيم لاءِ پاڪستان نھ اچڻ جو ڪو بھ سبب باقي نٿو رھي. ان موقعي تي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجنمٽ، رانديگر ۽ سيڪيورٽي ادارا جن ڏينھن رات محنت ڪري پاڪستان جي ميدانن ۾ محفوظ ڪرڪيٽ جا ڪرڻا روشن ڪيا اھي سڀئي مبارڪن جا حقدار آھن.

سال ٻھ هزار اڻويھ جي آخري سيريز  پاڪستان کي ڇا ڏنو ڇا ورتو

ھن سال جي آخر ۾ پاڪستان کي ڪرڪيٽ جي ڊگھي فارميٽ ۾ عابد علي جھڙو، اسٽائيلش ۽ باصلاحيت بيٽسمين مليو، جنھن جي قسمت ۽ مستقبل جو وڌيڪ فيصلو 2020ع ڪندو، ڪراچي ٽيسٽ جي ڪاميابي سان گڏوگڏ پاڪستان پھرين اننگ 191 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ جي ناڪامي، اسپنرن پاران ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نھ ڏيکارڻ، ۽ پيسرن جي لڳاتار ھلندڙ اڻ تجربيڪاري گھڻو ڪجھھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٿر کي ماڪڙ کان ڪير بچائيندو؟

چيف سليڪٽر ۽ ھيڊ ڪوچ انضمام الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس لاءِ اھو سوچڻ  ۽ سمجھڻ جو وقت آھي، بھتر ائين ئي ٿيندو جو ھاڻي کان ئي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وڃي تھ جيئن مستقبل ۾ وري ساڳي صورتحال کي منھن نھ ڏيڻو پوي.

پھرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿيڻ بعد ٻي ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ اوپنر شان مسعود، عابد علي، بابر اعظم ۽ اظھر علي جي سينچرين پاڪستان کي مضبوط پوزيشن ۾ اچي بيھاريو جنھن بعد پاڪستان سڄي ميچ تي ڇانيل رھيو.

ھن سيريز ۾ خاص طور آخري ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ فاسٽ بالر نسيم شاھھ جي بالنگ سڀني کي متاثر ڪيو، نسيم شاھھ ھن وقت عمر جنھن حصي ۾ آھي جيڪڏھن مٿس انگلش بالر جوفرا آرچر جيان پاڪستاني ٽيم بھ ٿورو ڌيان ڏي تھ ھو مستقبل ۾ وڌيڪ خطرناڪ بالر بڻجي سامھون اچي سگھي ٿو.

سال ٻھ ھزار اڻويھھ ۾ 11ملڪن مان پاڪستان اڪيلو وڏو ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪ ھو جنھن ڪراچي ٽيسٽ کان اڳ سڄي سال دوران ھڪ بھ ميچ نھ کٽي ھئي. جڏھن تھ بنگلاديش ۽ آئرلينڊ بھ سڄو سال ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ سڪندا رھيا، افغنستان جھڙي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي سيکڙاٽ ٽيم سال ۾ 3 ميچون کيڏيون ۽ ٻھ ميچون پنھنجي نالي ڪيون.  پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رھي، ڪراچي ٽيسٽ پاڪستان جي اڪيلي ڪاميابي بھ آھي ان ميچ جي بنياد تي پاڪستان سال جي پھرين سيريز پنھنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب بھ رھيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مشرف ڪيس، جڏھن اسان جو خون خوشبو ٿيندو!

سال 2019 جي  ۾ پاڪستان جي اسٽار بيٽمسين بابر اعظم 6 ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ 616 رنسون ٺاھي سڄي دنيا جي ٽاپ بيٽسمينن ۾ شامل رھيو،  جڏھن ڀارتي ڪپتان ورات ڪوھلي کائنس ٻھ ميچون وڌيڪ کيڏي ھن کان 4 رنسون گھٽ 612 تي موجود آھي، شان مسعود، 440 ۽ اسد شفيق 378 رنسون ٺاھي سگھيا، عابد علي ٻن ميچن ۾ 321 رنسن ٺاھي سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي، جنھن ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچريون اسڪور ڪرڻ جو منفرد ڪارنامو انجام ڏيڻ بعد ڪراچي ٽيسٽ ۾ پڻ ڪيريئر بيسٽ 174 رنسن جي اننگ کيڏي پاڪستان جي ڪاميابي ۾ ڪارائيتو ڪردار ادا ڪيو.

سال جي آخري سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ جي آخري اننگز ۾ ڪپتان اظھر علي پاران اسڪور ڪيل سينچري سندس ناڪامين جو ازالو نٿي ٿي سگھي، سندس ناڪاميون جي ڊگھي لسٽ آھي جنھن لاءِ ھن کي ھاڻ ايندڙ ھر ميچ ۾ پرفارم ڪرڻو پوندو، جڏھن تھ سندس ڪپتاني جي طريقيڪار تي پڻ ڪيئي آڱريون کڄڻ لڳيون آھن. سريلنڪا خلاف ڪراچي ٽيسٽ جي ٻنھي اننگزن ۾ سندس فيلڊ جي سيٽ اپ تي ڪامينٽرن کان ويندي تجزيھ نگارن تائين اھو راڳ الاپيو ويو  ۽ سندس حڪمت عملين کي اڻ مڪمل قرار ڏنو ويو .

ڪاميابي

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سال ٻھ ھزار اڻويھھ جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو  گذريو پر ان پڄاڻي ھڪ ڪاميابي سان ٿي، ھاڻ وڌيڪ ڏسڻو آھي تھ پاڪستان ھاڻ ايندڙ سيريز ۾ پنھنجي ڪاميابي جي تسلسل کي برقرار رکي ٿو يا وري ڪٿي مداحن کي مايوسي جو منھن ڏسڻو پوندو ان لاءِ اسان کي سال ٻھ ھزار ويھھ جو انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.