سياري ۾ ناريل جو تيل استعمال ڪرڻ جا فائدا…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي مُند ۾ ناريل جي تيل جو استعمال نه رڳو مختلف جلد جي مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو پر خوبصورتي ۾ به واڌ ڪندو آهي.

هر شخص جي خواهش هوندي آهي  ته هو خوبصورت نظر اچي ۽ ماڻهو ان کي ڏسي متاثر ٿين، ان ڏس ۾ ماڻهو پنهنجي طور تي احتياطي تدبيرون استعمال ضرور ڪندا آهن پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته سياري ۾ ناريل جي تيل جو استعمال ڪري جلد کي تازو رکي سگھجي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:جواني ۾ اڇن وارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو سولو طريقو..!!

جيڪڏهن قدرتي طور تي خوبصورتي ۾ واڌ ڪرڻ جلد جي مسئلي کان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ڪا شيءِ آهي ته اها ناريل جو تيل آهي جنهن جا ڪيترائي فائدا آهن، اهو تيل اوهان جي جلد ۽ وارن ۽ روز مره  ۾ ڪيترو ڪم اچي سگھي ٿو اچو ته اوهان کي ٻڌايون ٿا.

لپ بام

سياري ۾ چپن جو خشڪ ٿيڻ اهم مسئلو آهي جنهن لاءِ بازار ۾ نت نيون دوائون ۽ لپ بام موجود آهن پر ناريل جي تيل سان تيار ڪيل لپ بام خشڪ چپن لاءِ گھڻو فائديمند آهي.

ناريل جو تيل ٿڌ ۾ ڄمي ويندو آهي تنهنڪري اوهان ان کي ننڍي بوتل ۾ رکو ۽ لپ بام طور استعمال ڪيو جيڪو سياري جي موسم ۾ به اوهان جي چپن کي نرم رکندو.

فيس موئسچرائيزر

ناريل جي تيل کي اوهان پنهنجي چهري تي موئسچرائيزر طور به استعمال ڪري سگھو ٿا ڇو جو ناريل جو تيل خشڪي ختم ڪندو آهي ۽ ٿڌ ۾ ته گھڻو فائديمند آهي.

عورتون ميڪ اپ ڪرڻ کان اڳ ناريل جي تيل کي پنهنجي جلد تي لڳائي سگھن ٿيون ۽ ان کي ميڪ اپ رمور طور تي به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ونٽر باڊي اسڪرب

اڌ ڪوپ ناريل جي تيل کي لوڻ جي ٻن چمچن سان مڪس ڪيو ۽ جسم تي لڳايو ڇو ته تيل جسم کي موئسچرائيز ڪندو آهي ۽ ٿڌ ۾ خشڪي کان بچائيندو آهي ٻئي پاسي لوڻ اوهان جي جلد مان ڊيڊ سيلز کي ختم ڪندوآهي ۽ باڊي کي (ايڪسفولي ايٽ) ڪندوآهي.

مٿي جي خشڪي

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڇا سياري جي مُند ۾ توهان لاءِ به وارَن جا مسئلا پيدا ٿين ٿا؟

سياري جي موسم ۾ تقريبن جسم جي سمورن حصن تي خشڪي هوندي آهي ۽ مٿي ۾ خشڪي هجڻ عام ڳالهه آهي پر ناريل جو تيل استعمال ڪري ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو. بس ناريل جي تيل کي ٿور گرم ڪري مٿي ۾ وجهي مالش ڪيو ڪجهه وقت بعد خشڪي کان مڪمل چوٽڪارو حاصل ڪيو.

خشڪي سبب وات جي ويجهو ٿيندڙ زخم

خشڪي سبب ٿيندڙ زخم کي به ناريل جي تيل سان ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو، جتي به خشڪي جي ڪري زخم هجي اتي ناريل جو تيل ٻه کان ٽئي ڀيرا مساج ڪيو ڪجهه ڏينهن ۾ ئي زخم ٺيڪ ٿي ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.