وزير اعظم جي صدارت هيٺ حڪومت جي معاشي ٽيم جو اجلاس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته معيشت جي سڌارن لاءِ حڪومت طرفان ڪيل هر ڪوشش ۽ اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه رکيو وڃي.

اسلام آباد ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته خاص عنصر ذاتي مفادن جي ڪري ملڪي معيشت تي غلط بياني ڪري رهيا آهن. گمراهه ڪندڙ پروپيگينڊه ڪرڻ افسوس جوڳو آهي.  ضروري آهي ته حقيقتن تي ٻڌل ڄاڻ جي عوام تائين پهچ کي يقيني بڻايو وڃي، عوام پاڻ حڪومت جي خلاف بي بنياد پروپيگينڊه کي رد ڪري.

عمران خان  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ضرورت جي بنيادي شين جي مناسب اگهن تي فراهمي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف انتظامي قدمن تي ڀرپور ڌيان آهي. محدود وسيلن جي باوجود عوام کي هر ممڪن ريليف فراهم ڪيو وڃي. گهٽ آمدني وارا ۽ غريب ماڻهن تي پوندڙ بار ۾ گهٽتائي آندي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو

وزير اعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام حڪومتي ترجيحن جو ڳالهائيندڙ ثبوت آهي. حڪومت گڏيل طور تي معاشي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي.

وزير اعظم عمران خان چيو ته ادارن ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي سمورين ڪوششن جو مقصد شفافيت ۽ ڪرپشن جو خاتمو آهي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ملڪي معاشي صورتحال ۽ ايف بي آر سان لاڳاپيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم کي ٻڌايو ته عالمي ارادا به معاشي استحڪام ۽ اقتصادي ڏهائين ۾ بهتري جو اعتراف ڪيو آهي. پاڪستان نه رڳو عالمي ادارن جو پر پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ واپاري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.