ڇا سياري جي مُند ۾ توهان لاءِ به وارَن جا مسئلا پيدا ٿين ٿا؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم جتي گهڻن ماڻهن کي پسند هوندي آهي، اتي ئي سيءَ جي ڪري ڪجهه مسئلا به پيدا ناهن ٿيندا آهن، جنهن ۾ چمڙي سميت وارَن جا مسئلا به شامل آهن.

هتي اسان توهان کي سياري ۾ وارَن لاءِ پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل ٻڌائي رهيا آهيون:

وارَن ۾ خُشڪي

سياري جي مُند ۾ هوائون گُهلڻ سان نه رڳو چمڙي پر مٿي جي جلد به خشڪ ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وارَن ۾ به خشڪي پيدا ٿي ويندي آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ نِم جي پاڻي ۽ ڏونگهيءَ جي تيل کي ملائي استعمال ڪيو وڃي ته وارَن مان خشڪي ختم ٿي ويندي.

اَڻڀا وارَ

ٿَڌ ۾ وارَ اڻڀا ۽ بي جان نظر ايندا آهن، ان مسئلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ توهان هڪ بيضو ڀَڄي ان ۾ ٻه چمچا زيتون جو تيل چڱي طرح ملايو ۽ وارَن کي لڳائي ڇڏيو، ان ڪلاڪ کانپوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان توهان جا وارَ سڻڀا، نرم ۽ چمڪدار ٿي ويندا.

وارَ ڇڻڻ

سياري جي موسم ۾ گهڻن ماڻهن کي اها شڪايت هوندي آهي ته سندن وارَ تيزي سان ڇَڻي رهيا آهن، ان جو وڏو سبب خُشڪي به هجي ٿي، جنهن جي ڪري وارَ پاڙن مان ڪمزور ٿي ڪِرڻ لڳندا آهن، اهڙي پريشاني کان بچڻ لاءِ توهان هلڪي گرم تيل سان مساج ڪيو ته اهو ٽوٽڪو وڏو مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.