اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آءِ اَي اِي اَي) جي وفد پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان طرفان تنظيم جي سفارشن موجب کنيل جوهري سلامتي جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
پرڏيهي کاتي موجب آءِ اَي اِي اَي جي نيوڪليئر سيڪيورٽي ڊويزن جي سربراهه راجا عبدالعزيز عدنان جي قيادت ۾ عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي وفد ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو دورو ڪيو.
هي به پڙهي سگهو ٿا: ايم ڪيو ايم باني جو ڀارتي چئنل تي انٽرويو: پرڏيهي ترجمان ڇا چيو…؟
وفد پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ظهير ايوب بيگ ۽ پاڪستان جوهري توانائي ڪميشن جي چيئرمين محمد نعيم سان ملاقات به ڪئي.
آءِ اَي اِي اَي وفد پاڪستان طرفان پنهنجي سفارشن موجب کنيل جوهري سلامتي جي قدمن جي تعريف ڪئي.
وفد جو چوڻ هو ته پاڪستان جوهري سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ آءِ اَي اِي اَي جي ڪوششن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.
واضح رهي ته آءِ اَي اِي اَي جو اهو دورو پاڪستان نيوڪليئر سيڪيورٽي سهڪار پروگرام جو حصو هو.
China’s Special Envoy on Afghan Affairs, Ambassador Deng Xijun, met Foreign Secretary Sohail Mahmood today.
Views were exchanged on regional situation and support to the Afghan peace and reconciliation process. pic.twitter.com/fuNkexE3Nm
— Dr Mohammad Faisal (@ForeignOfficePk) December 6, 2019
تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو