آخوند ساقي ابڙو: محبت ۽ مزاحمت جو شاعر:وحيد سمون

مڪو مدينو مقدس هن, پر سنڌ سان منهنجو ساءُ
هيءَ ڌرتي پنهنجي ماءُ, سمجهان ٿو "ساقي چوي”
سنڌ جي مٽي علمي، ادبي طور تمام زرخيز رهي آهي، شاهه لطيف جي هن ڀونءَ ۾عالمن، اڪابرن جي ڪا به ڪمي ناهي، جديد دور جي اديبن ۽ شاعرن ۾ تمام وڏا ۽ سٺا شاعر آهن جن گهڻو ڪجهه سنڌي ٻولي کي ڏنو آهي، اهڙن ڏات ڌڻين ۾ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ آخوند ساقي ابڙو ڄاتو به سڃاتو وڃي ٿو، نه فقط ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پر دلي عزت، وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
جيئن سڄي سنڌ هن کي سڃاڻي تيئن آئون به کيس سڃاڻندو آهيان. هن هڪ مزاحمتي شاعر کان وٺي هڪ نثر نگار جي حيثيت ۾ پنهنجي قومي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ارپيا آهن، سنڌ جو هي ڪوي پنهنجي دنيا نئين سر جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي ادبي ذميداري نڀائيندو رهيو آهي. ساقي ابڙو پختو شاعر ۽ ليکڪ هئڻ سان گڏ هڪ بهترين استاد پڻ آهي، ادب ۽ صحافت ۾ سندس خدمتون نظر اچن ٿيون. سنڌي ادب جي علمي، ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. جنهن محنت سان لکيو ۽ معيار کي برقرار رکيو آهي اهو شاعري ۾ نمايان نظر اچي ٿو. پاڻ رتوديرو پريس ڪلب جو عهديدار پڻ رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو جو سيڪريٽري پڻ آهي. سندس مائٽاڻو نالو راشد منهاس ابڙو ولد اُستاد عطاءُ الله ابڙو ، ادبي نالو آخُوندُ ساقي ابڙو، ادبي سُڃاڻپ مزاحمتي شاعر طور آهي، ساقي راشد جو چوڻ آهي ته: ” سنڌي شاعري ۾ مون پنهنجي استاد سائين سرڪش سنڌي کان قومي ۽ مزاحمتي شاعر طور سکيا ورتي تنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ملي آهي جيڪو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي،“
ساقي ابڙو جي جنم ڀُومي سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شھر اُڏيرولال اسٽيشن آهي جڏهن ته اباڻو ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي, جيڪو رتوديرو تعلقي يونين ڪائونسل وارثڏنو ۾ ماڇي واقع آهي. پاڻ ڪجهه عرصي کان وٺي ڳوٺ ڇڏي رتيديرو شهر ۾ محلا "حُسين آباد” ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿس ، جتي سندس آشيانو "العباس منزل” جيڪو علمي ادبي سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي. هي مضمون سندس 48 هين جنم ڏڻ تي ڀيٽا آهي. اسان جي ويجهي هئڻ جو هڪ سبب منهنجي طبيعت ۽ ليکڪ هجڻ به آهي پر ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته اسان رتوديرو پريس ڪلب ۾ گڏ عهديدار هوندا هياسين، اتي اسان جو ملڻ جلڻ ٿيو، ساقي ابڙي جو مزاج اهڙو آهي جو دوست ڪچهري ڇڏڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهن. قابل احترام استاد آهي.
مون پنهنجي ادبي ذميداري سمجهي علم، ادب، صحافت، شاعري ۽ فن بابت سندس ڪيل خدمتن تي لکيو آهي. اها هنن جي محبت ۽ شخصيت جي ڪشش هئي جنهن روايتي لکڻين کي ترقي پسند تحريرن ۾ تبديل ڪري ترقي پسند شاعري ۽ ادب کي اتساهيو، اهڙو بي لوث جذبو سائين ساقي ابڙو جي ويجهڙائي ۾ رهڻ ۽ اسان جي قربت جو هڪ وڏو سبب آهي. سندن نالي سان ڪيترائي اهڙا واقعا آهن جن کي ياد ڪري اڄ آءٌ پنهنجو پاڻ مرڪي پوندو آهيان.
رتوديرو پريس ڪلب، المنظر ڪتاب گهر، محسن پريل سمون جو دڪان، ڪامريڊ اعتبار بلوچ جي هاري اخبار واري آفيس اهي بيٺڪون تر جي سياسي، سماجي اڳواڻن ، صحافين ۽ اديبن جي ميل ملاقات جا وسيلا هيون. جتي سرڪش سنڌي ، قاضي مقصود گل، مختار گهمرو، زخمي چانڊيو، غضنفر راجا، سميت سنڌي ٻولي جا وڏا اديب ۽ شاعر گڏ ٿيندا هئا. اتي سائين ساقي ابڙو ادبي سرگرمين ۽ سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي نوجوان ليکارين جي فني ۽ فڪري تربيت ڪندو هو, ان جو فائدو اهو ٿيندو هيو ته اتي نئين ٽهي جي ليکڪن ، شاعرن ۽ اديبن لاءِ ٻولي کي سمجهڻ ۽ شاعريءَ جي معيار کي پرکڻ وارو هڪ مقصد پورو ٿي ويندو هيو.
هڪ اديب کي لکڻ جي لاءِ وقت ۽ ماحول جي ضرورت هوندي آهي جيڪو سائين ساقي ابڙو ميسر ڪندو هيو. جنهن ڪيترن نون لکندڙن ۾ اتساهه پيدا ڪيو. مان ساقي ابڙو صاحب جي فني پورهيي جي ڇنڊ ڇاڻ نٿو ڪري سگهان پر ايترو ادراڪ ضرور رکان ٿو ته آخوند ساقي ابڙو صاحب جي شاعري ۾ ٻه مکيه موضوع ملن ٿا هڪ رومانس ۽ ٻيو مزاحمت، ۽ هن جي مزاحمت به ڌرتيءَ لاءِ آهي، سنڌ لاءِ آهي، سنڌو جي بقا لاءِ آهي. هن ظالم ۽ بي درد معاشري ۾ اهڙا ماڻهو جن کي انصاف نه ٿو ملي، انهن مظلومن جي لاءِ سندس شاعري ۾ جيڪو پيغام ڏنل آهي اهو واضح ۽ چٽو آهي، اهو شاعر جو نياپو آهي. هو جيڪا ڳالهه ڪري ٿو اها سماج لاءِ ڪري ٿو. ادبي جهان ۾ وطن جي عاشقي ۾ بي ڊپائي ۽ بي خوفي سان پنهنجو موقف رکي ٿو، شاعري پڙهڻ سان اسان کي هن جي همٿ ۽ اميد جو پتو پوي ٿو .جيئن هن پنهنجي غزل ۾ اظهارڪيو آهي:
دوستيُون ۽ دُشمنيُون سڀُ سنڌُ لئه ، مُون هميشه ئي ڪيُون سڀُ سنڌُ لئه
سنڌُ ئي محبُوب سنڌُ معشُوق آ، محبتُون ۽ عاشقيُون سڀُ سنڌُ لئه
سنڌُ مُونکي ساھ کان وڌ آ مٺي، گهور هن سو زندگيُون سڀُ سنڌُ لئه
سڀُ هڻُون نعرو ٿا سنڌُ ۽ قوم جو، ڇو نه پوءِ ٿا گڏُ ٿيُون سڀُ سنڌُ لئه
سنڌُ جي دُعاگو ڀٽائيءَ گهوٽ تي، مُون پئي دُعائون گُهريُون سڀُ سنڌُ لئه
سنڌُ لئه “ ساقي ” جيئان سنڌُ لئه مران ۽ سھان ڀل سختيُون سڀُ سنڌُ لئه
هن دور ۾ جڏهن سنڌ تي راتاها لڳي رهيا آهن ۽ ڌرتي جو ٻچو ٻچو ڄڻ ته جنگي ميدان ۾ بيٺل آهي. سنڌ جا اديب، شاعر ۽ قلم ڪار جيڪي پنهنجي قلم جو سودو ناهن ڪندا ۽ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي هميشه ڪوڙ چوندا رهندا آهن. اهڙي طرح سنڌ جو معاشرو، سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جي پاڻي توڙي ٻين معاشي مسئلن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي سندس گهري نظر آهي. ان ڪري سائين ساقي ابڙو هڪ سڄاڻ ۽ سجاڳ قلمڪار وانگر پنهنجي قلم جي طاقت سان پنهنجي سماج جي هر فرد کي انهن حرڪتن ، سازشن کان باخبر ڪندو رهي ٿو. هو مڪمل تخليقي سگهه رکندڙ شاعر آهي. غزل جي سٽن ۾ هو ٻڌائي رهيو آهي ته اسان کي پنهنجا ويري سڃاڻي سنڌوءَ کي بچائڻو آهي.
هڪڙو دجالُ ٿو سنڌُوءَ کي سُڪائڻُ چاهي،
ٻيو سنڌي قوم کي ماري ٿو مٽائڻُ چاهي
هڻي ڌاڙا ٿو وسيلن تي اسان جي هر دم،
پنهنجيُون ٻنيُون به هُو بنجر ٿو بنائڻُ چاهي
ساقي ابڙو پنهنجي شاعريءَ ۾ پيار محبت سان گڏ سنڌ جي مسئلن تي قلم کڻڻ پنهنجو اولين فرض ڄاتو آهي، هن جي دل وطن سان ڌڙڪي ٿي ، وطن لاءِ ڌڙڪي ٿي ، هو شاعريءَ جي وسيلي پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي شعور جي آبياري ڪري ٿو. ڪٿي به پنهنجي انا جو سودو نه ٿو ڪري. سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌو سان پيار رچيل آهي، سوچيندڙ ۽ سجاڳ ذهن جو شاعر آهي جنهن اسان جي سامهون ايندڙ حقيقتن ڏانهن آڱر کنئي آهي، مون ته زماني جي جهنجهٽن سان اڪيلي سر منهن ڏيڻ باوجود کيس لاڳيتو ئي لکندي ڏٺو آهي پنهنجي غزل ۾ هن ريت چوي ٿو :
گهرُ گهاٽُ به آهي ۽ ٻچا ٻار به آهن،
ٻيا کوڙ زماني جا ڪم ڪار به آهن
شاعري احساسن جي ٻولي آهي، هڪ حساس ماڻهو جا جذبا ، جڏهن لفظن جو روپ ڌاري محسوسات جون سرحدون ڇهن ٿا ته مقصديت جو دائرو ٺهي وڃي ٿو. ڏات ڌڻيءَ هٿن ۾ سهڻي نموني قلم پڪڙي، ذهن جي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ اڏامندڙ خيالن کي لفظن جي مالها ۾ پوئي شاعراڻا هار جوڙڻ جي سگهه ڏني آهي. جهڙي سندس طبيعت ۾ سادگي ۽ اندر جي اجرائپ آهي تهڙي سندس شاعريءَ ۾ خوبصورتي ۽ سليقو نظر اچي ٿو, هو سنڌ جي سڄڻن سان ته بنا فرق جي محبت ڪري ٿو ۽ ڌرتيءَ جي دشمن کان سخت نفرت ڪري ٿو پر پنهنجا ٿي ڪري به جيڪي قومي غداري ڪن ٿا انهن سان به بغاوت جو اعلان ڪري ٿو ۽ سخت مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿو جيئن هن غزل ۾ چئي ٿو ته,
سنڌُ جي سڄڻ سان مُحبّت ڪنداسين
پر ڌرتيءَ جي دُشمن کان نفرت ڪنداسين
هنن سادن لفظن ۾ اگر فراق جي حالت ڳولهجي ۽ زهر واري زندگي تي غور ڪجي ته احساس ٿيندو ته زندگي ۾ ڪيڏو ڪرب آهي. فراق سان گڏ وصل لاءِ واجهائڻ ۾ ساقي جو پنهنجو انداز آهي. مجاز جي هنن رنگن ۾ هو فراقِ يار جي ڪيئن ٿو منظر نگاري ڪري. هو مجاز جي رنگن ۾ چڱيءَ طرح رنڱيل آهي. هن پنهنجي شعرن مان سنڌ سان محبت ۽ مجاز جا ڪيترائي نقش چٽيا آهن . حياتي برف جيان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳري رهي آهي پوءِ ان کي ڪير سانڍي سگهندو. بس ساري سگهجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وساري به ڇڏجي ٿو ، پر سار وسار جي وچ واري پد تي ڪجهه رهجي وڃڻ جو امڪان به رهي ٿو. شايد هي شعر به انهيءَ سار جو ئي عڪس آهي . پيار به عجيب آهي. ڪڏهن ڪٿي ڪهڙي حالت ۾ نروار ٿئي ٿو سو انداز به نرالو آهي. پنهنجي غزل ۾ هن چيو آهي :
مُنهنجا دوست دلبر هي ڇا ٿو ڪرين
رڳو دوستيءَ ۾ دغا ٿو ڪرين
هن جي عشق جي ڪٿا به هن جي انداز جيان الڳ آهي، ڄڻ ڪڪر ته وٺا پر دل جي زمين ساڳي ٺوٺ ، اڃايل من ۽ تاسو تن ! انڊلٺ رنگ ته ڪڍيا پر اندر جي دنيا ساڳي ٻسي ، بي رنگ ، مرجهايل بس اهڙي ڪنهن مينهن جو انتظار ، اوسيئڙو جيڪو وسي، وسي ۽ بار بار وسي، ۽ من جي زمين کي سيراب ڪري وجهي ۽ پوءِ دل جي زمين تي نينهن جا ڪيترائي گونچ ڦٽي پون ڪيترائي گلابي گل ٽڙي پون ۽ من موتئي ۽ مگري جي مهڪار سان واسجي وڃي ، پر اهو اوسيئڙو ساقي ابڙي وٽ اڃان آهي، اها تڙپ اڃان ساهه کڻي پئي اها آنڌ مانڌ اڃان بي قراري رکي پئي ۽ ڏاڍي ڌيمي انداز سان پنهنجي ان ڪيفيت کي اظهاريندي هو چئي رهيو آهي:
مُون ته وک وک تي هُن سان وفائُون ڪيُون
ته به جفاڪار مون سان جفائُون ڪيُون
هن جي شاعري ۾ رڳو لفظ نه آهن پر جذبن، احساسن، خوابن، سونهن ، سرهاڻ، سڳنڌ، سچ جي ڪيفيتن جا ساهه کڻندڙ عڪس موجود آهن. هن جا لفظ ساهه کڻن ٿا. پر اهي سماج کي به آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ اهو ڪم ڪو سچو عاشق شاعر ئي ڪري سگهي ٿو . سندس شخصيت بابت بس آئون اهو چوندس ته خودداري سان ڀرپور انسان جنهن پنهنجي سڄي زندگي قلم ۽ دوستن سان گڏ گذاري آهي. اسان سندس هن تخليقي پورهيي کي وڏي مان ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسون ٿا.جيڪر وقت جي واءَ کي سمجهندي اهڙن سچن سپوتن جو وقت تي ساٿ ڏيڻ سان گڏ ساڃاهه رکون ۽ سرخرو ٿيون.
ڪچهري قرب جي قائم رهي
محبت محب جي قائم رهي
سنڌي ادبي سنگت رتيديري پاران اڄ سائين ساقي ابڙو جي سالگره جي تقريب 6 ڊسمبر ڏهاڙي رکي وئي آهي.کيس دل جي اٿاهه گهراين سان نوڙت ڀريو سلام ۽ سالگرهه جون واڌايون ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.