کهڙا ۾ ماڪڙ جو فصلن تي حملو جاري

وامي آواز رپورٽ
کهڙا ۾ ماڪڙ جو فصلن تي حملو جاري
وامي آواز رپورٽ کهڙا ۾ ماڪڙ جو فصلن تي حملو جاري

کهڙا سميت تعلقي گمبٽ جي مختلف شھرن ۾ ماڪڙ عذاب بڻجي فصلن تي ڪڙڪي پئي.

مختلف شھرن کان آيل ماڪڙ جي ولرن گمبٽ تعلقي اندر پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا.

ماڪڙ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي کائي چٽ ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان رسائي وڌو، جنهن سبب آبادگارن جا مٿن تي هٿ اچي ويا آھن.

تعلقي گمبٽ جي آبادگارن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته جلد ماڪڙ مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.