ايڊيليڊٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي شڪست، آسٽريليا وائٽ واش ڪري ڇڏيو

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز)برسبين ٽيسٽ کانپوءِ ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ به آسٽريليا پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 48 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن تي مشتمل سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو. اها پاڪستان جي آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچن ۾ لاڳيتي 14 هين ۽ سيريز ۾ 5 هين شڪست آهي. پاڪستاني نه ٽيم ٻي اننگز ۾ آسٽريليا جي 589 رنسن جي جواب ۾ 239 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، چوٿين ڏينهن پاڪستان نامڪمل اننگز شروع ڪئي ته ان کي آسٽريليا جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ 248 رنسون گهربل هيون. پاڪستان جو اسڪور 123 رنسن تي پهتو ته شان مسعود 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اسد شفيق به ناٿن ليون هٿان ڪيچ ٿيو، هن 57 رنسون ٺاهيون. افتخار 27، رضوان 45 ۽ ياسر شاهه 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، آسٽريليا طرفان ناٿن ليون 5 ۽ جوش هيز لوڊ 3 وڪيٽون ورتيون. ڊيوڊ وارنر کي ٽرپل سينچري ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان پهرين اننگز ۾ 302 ۽ ٻي اننگز ۾ 239 رنسون ٺاهيون، پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي هڪ اننگز 5 رنس تان هارايو هو.063041

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.