خيرپور: لاشاري برادري پاران بااثر جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو

وامي آواز رپورٽ
aaaaaa
وامي آواز رپورٽ aaaaaa

خيرپور ۾ لاشاري برادري پاران بااثر جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ بخشڻ لاشاري  جي رهواسين ذوالفقار لاشاري، اعجاز ، زينت لاشاري ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي چيو ته سندن 17جريب زرعي زمين ديهه ڇوڏاهو ۾ آهي جنهن تي وڏيري ڊاڪٽر جبار لاشاري، فريد لاشاري جي چوڻ قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته بااثرن کين زمين ۾ فيصل پوکڻ به نٿا ڏين، جڏهن ته سندن خلاف ئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

ڳوٺاڻن چيو ته پوليس سندن 13 ورهين جي نينگر کي کنڀي وئي آهي، ڪو به سندن هڪ نٿو ٻڌي.

لاشاري برادري مطالبو ڪيو ته مٿن داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.