ڀارت ۾ ڀِت ڪِرڻ سبب 17 ڄڻا فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڀِت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اهو واقعو اڄ صبح ڀارت جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو جي هڪ وڏي شهر ڪوئمبٽور جي اتر ۾ موجود هڪ ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي تيز برساتن سبب ڀِت ڪِري ته ماڻهو سُتل هئا ۽ دٻجي ويا، انهن امدادي ڪارروائيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب 20 فوٽ يا 6 ميٽر اوچي ڀِت مختلف گهرن تي ڪِري هئي.

واضح رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ پڻ تيز برساتن دوران ممبئي شهر ۾ هڪ عمارت ڪرڻ جي واقعي ۾ 30 انساني جانيون ضايع ٿي ويون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.