ڀارت جو ايٽمي تجربن ۾ ناڪامين جو سلسلو جاري

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو اگني ون ۽ ٽو کانپوءِ ايٽمي صلاحيت رکندڙ بيلسٽڪ ميزائل اگني ٿري جو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيل پهريون تجربو به ناڪام ٿي ويو.

ڀارتي رياست اوڊيشا (اڳوڻي اڙيسا) جي تجربي گاهه مان بيلسٽڪ ميزائل اگني ٿري جو تجربو ڪيو ويو پر ميزائل پنهنجي اڏام جي طئي ٿيل رستي تان هٽي ويو، جنهن کانپوءِ مشن ٽيم پاڻ ئي ان کي ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي.

ڀارتي ميڊيا موجب شروعات کان وٺي پهرين مرحلي تائين سڀ ڪجهه مشن منصوبي موجب هو پر اوچتو ان غير معمولي طور ورتاءُ ڪرڻ شروع ڪيو.

ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته اگني 3 ميزائل ڏيڍ ٽن وزني ايٽمي هٿيار سان 3 کان 5 هزار ڪلو ميٽرن تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

واضح رهي ته اڳ ۾ به ڀارت اگني 1 ۽ اگني 2 جي آزمائشي مرحلي ۾ ناڪام ٿيو هو، هاڻ اگني 3 جي تجربي ۾ به ڀارتي سائنسدانن ناڪامي کي منهن ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.