ايڊيليڊ ٽيسٽ: آسٽريليا پاڪستان تي فالو آن جي تلوار لڙڪائي ڇڏي

 

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم جي بالنگ کانپوءِ بيٽنگ پڻ مايوس ڪندڙ رهي ۽ ايڊيليڊ ۾ پاڪستان کي فالو آن جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

ايڊيليڊ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم پنهنجي رهيل اننگز هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 302 رنسن کان شروع ڪئي ته مارنس لبوشين گذريل ڏينهنج ي اسڪور ۾ ٻن رنسن جي اضافي کانپوءِ شاهين آفريدي جو شڪار بڻجي ويو، جڏهن ته اسٽيون سمٿ کي به 36 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ شاهين آفريدي پويلين موٽايو.

هوڏانهن ڊيوڊ وارنر پنهنجي بهترين بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٽرپل سينچري مڪمل ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان هاڻ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ سيريز نه کيڏندو…!

آسٽريليا ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 589 رنسن جي جبل جيڏي اسڪور کانپوءِ اننگز ڊڪيلر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڊيوڊ وارنر 335 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيو، جڏهن ته ميٿيو ويڊ ناٽ آئوٽ 38 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ٽئي وڪيٽون شاهين آفريدي ورتيون.

جواب ۾ پاڪستاني بيٽسمين ميزبان بالرن اڳيان مڪمل طور بيوس نظر آيا ۽ راند جي پچاڻي تائين پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 96 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان شان مسعود ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر 3 جي مجموعي اسڪور تي امام الحق آئوٽ ٿي ويو، جنهن ٻه رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان اظهر علي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوٽو ٻارڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ رڳو 9 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.

شان مسعود 19 ۽ اسد شفيق 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته افتخار احمد 10 ۽ محمد رضوان کاتو کولڻ بنا ئي وڪيٽ وڃائي ويٺو.

آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

راند جي پڄاڻي ٿي ته بابر اعظم 43 ۽ ياسر شاهه 4 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

پاڪستان کي آسٽريليا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 493 رنسن جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 0-2 جي سرسي حاصل آهي.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/2zMUMcLlz5B8jnRMoitnpX

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.