لاڙڪاڻي جو پروفيسر 5 مهينن کان قيد، گهر ۾ ڪهرام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل اليمينٽري ڪاليج جي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران سندس جون تصويرون کڻي  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد عرفان ڪلهوڙو، محمد ثمران ڪلهوڙو، محمد فياض ڪلهوڙو، نثار احمد ڪلهوڙو، اياز ڪلهوڙو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيو ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي گذريل 28 جون تي رات دير سان کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي 5 مهينا 2 ڏينهن گذري ويا آهن پر ان جي باوجود کيس آزاد ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.