اڏيري ويجهو حادثي ۾ نوجوان فوت، ٻيو مرڻينگ، پوليس مبينا رشوت عيوض گاڏي ڇڏي ڏني

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند)اڏيرو لال لڳ کورکاڻي شاخ وٽ قائم پوليس چوڪي جي ڀر ۾ نامعلوم گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 18 سالن جو نوجوان عزيز پٽ علي خان مري  ۽ 30 سالن جو غلام حسين پٽ غلام مصطفى ڪاتيار زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال آندو ويو جتي عزيز مري زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته غلام حسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال ننيو ويو ان سلسلي ۾ وارثن پيار علي ڪاتيار ، ڪريم بخش ڪاتيار ۽ ٻين  چيو ته اوڏيرو لال کان ڳوٺ واپس ايندڙ اسان جي همراهن کي نامعلوم گاڏي ٽڪر هنيو جنهن ۾ عزيز مري فوت ٿي ويو . ۽ غلام حسين مرڻيگ ٿي پيو هنن الزام مڙهيو ته اوڏيرو لال پوليس چوڪيءَ تي مقرر پوليس اهلڪارن گاڏيءَ وارن کان پئسه وٺي گاڏي ڇڏي ڏني هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.