ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي: سجاد چانڊيو

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان آرمي چيف جي ملازمت جي رٽائرمينٽ  کان پوءِ واڌاري (توسيع) جي معاملي ۾ هٿ وجهڻ ۽ ان تي فيصلو ٻڌائڻ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو آهي. اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري، رٽائرمينٽ ۽ نوڪري جي واڌاري واري معاملي تي کليل بحث ڪرڻ لاءِ عام عوام لاءِ در کليو آهي. هر شهري کي ان معاملي جي سمجهڻ، ڄاڻڻ جو آئيني ۽ قانوني طور تي پورو پورو حق حاصل ٿيو آهي نه ته ڳجهه ڳوهه ۾ ڪم ٿيندا رهيا آهن. پارليامينٽ کي موقعو ڏنو ويو آهي ته هو ان نوڪري جي واڌري (توسيع) واري معاملي جا در هميشه هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏي. مخالف ڌر کي موقعو مليو آهي ته هو ان معاملي ۾ ڌر ٿي واضح ٿئي. ان سمورن موقعن مان عوام کي فائدو تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن پارليامينٽ اٿي بيهي، جيڪو ناممڪن نه پر مشڪل ضرور آهي. ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو وڌيڪ چيو آهي ته ملڪي ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي، پر اھا رڳو فقط ھڪ فرد لاءِ نه ڪئي وڃي. آئين ۽ قانون موجب ھر ملازم پنھنجون پنهنجون خدمتون سرانجام ڏي ۽ عزت سان رٽائرڊ ٿي ٻين کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏي. آئين موجب ئي ھر قدم کڻڻ گھرجي ۽ جنهن به آئين سان غداري ڪئي آهي ان کي قانون ۽ آئين موجب سزا ڏني وڃي. هر اداري کي پنهنجي پنهنجي آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.