قومي مفادن جي آڙ ۾ سنڌ جي وسيلن جو استحصال ڪيو پيو وڃي: نواز خان زنئور

ٺٽو (رپورٽ: شبير ڀٽي) سنڌ جي سياسي، پاڻي، ماحولياتي ۽ فني ماهرن، قومپرستن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ڌرين سنڌودرياءِ تي امڪاني طور اڏجندڙ سمورن ڊيمن کي سنڌ جي وجود جي خلاف سازش قرار ڏيندي، سنڌودرياءِ فوري  طور تي پاڻي جي فراهمي کي يقني بنائڻ سان گڏ انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ جي گهر ڪندي متاثر ٿيندڙ انساني آبادي ۽ زرعي فصلن جو معاوضو ڏيڻ سان گڏ علائقن مان ٿيندڙ لڏپلاڻ ۽ وڌندڙ سمنڊ کي روڪڻ لاءِ جامع مستقل پاليسي جوڙڻ جي گهر ڪئي آهي، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي ميزباني هيٺ پريس ڪلب ٺٽو منعقد ڪيل پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسلف چيئرمين نواز خان زئنور چيو ته سنڌو درياءِ تي ڊيمن پاڻي ۽ بجلي جون رٿائون سنڌ لاءِ خطرناڪ آهن، انهن رٿائن وسيلي سنڌودرياءِ تي قبضي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، قومي مفادن جي آڙ ۾ سنڌ جي مفادن جو استحصال ڪيو پيو وڃي،   هن چيو ته سنڌودرياءِ جا سمورا فطري وهڪرا بحال ڪري هنگامي بنيادن تي سنڌو ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقني بڻائي وڌندڙ ماحولياتي خطرن تباهه ٿيندڙ تمر جي ٻيلن سميت متاثر ٿيندڙ انساني آبادي ۽ زارعت کي فوري طور تي بچائي سنڌودرياءِ تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي،   فشرفوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه چيو ته سنڌودرياءِ ۾ مستقل پاڻي جي عدم فراهمي سبب هر هڪ ٻيو ماڻهو ذهني طور پريشان بڻيل آهي،  هن چيو ته قدرتي وهڪرا بحال نه ٿيندا تيستائين درياءِ پنهنجو عوج ماڻي نه سگهندا، سنڌو درياءِ به هن وقت قدرتي طور نه پر ڪنٽرول طور تي درياءِ آهي، ترقي جي نالي ۾ ڊيلٽا وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي، جنهن جي وڏي قيمت ڊيلٽا جي ماڻهن ڏکن، بيروزگاري، لڏپلاڻ ۽ ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي،  هن چيو ته سمنڊ  ٽنڊومحمد کان تائين پهچي چڪو آهي 8 کان 12 لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين ٿي وئي آهي،  مير محمد پرهياڙ چيو ته سنڌ بئراج ٺاهڻ سان ڊيلٽا آباد نه ٿيندو پر وڌيڪ زمينون غير آباد ٿي وينديون، اهو صرف ذوالفقار آباد منصوبي کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ بئراج درياءِ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي درياءِ کي ڍنڍ ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ لکين ماڻهن جي قديم وسندين، زرعي زمينن سميت ماحوليات ۽ انساني آبادي لاءِ پڻ سخت نقصانڪار ثابت ٿيندو،  پرفيسر مشتاق ميراڻي  چيو ته   45ع ۾ ٿيل ٺاهه بهترين معاهدو هو ۽ 91ع ۾ ڄام صادق جي ڪمزور حڪومت پنجاب جي دٻاءِ تي پاڻي جو غلط ٺاهه ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ ٻه غير منصفاڻي ٿئي ٿي، پاڻي ڪانفرنس جي جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي گروپ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهيه سنڌي، جيئي سنڌ تحريڪ صفدر سرڪي جي مرڪزي اڳواڻ فتاح چنا، انجيئنر اوڀايو خان خشڪ، سنڌ ڪلچرل فورم جي صادق لاکو،  علي محمد خشڪ، ڊيلٽا واسي شهزاد اوٺو، عبدالله مرگهر،   اڪرم مڱڻهار، بشير ميراڻي، قادر بخش زئنور ۽ ٻين چيو ته  سنڌ درياءِ تي ڪوبه ڊيم ۽ ڪئنال قبول نه هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.