جوهي ۾ ڊرائيورن جو پوليس جي ڀتي خوري خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو

جوهي  ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو ) جوهي پوليس جو زبردستي ڀتو اوڳاڙڻ خلاف ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيورن  فضل رودناڻي، سڪندر رودناڻي، حاڪم لغاري، محرم لغاري، فاروق چانڊيو، گل لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي ڇني روڊ تي احتجاجي  مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي احتجاج ڪندڙن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته جوهي پوليس جي ڀتا خوري ۽ زيادتين خلاف اسان اهڙي درخواست سيشن جج دادو کي ڏني جنهن قانون موجب ليٽر ۾ حڪم جاري ڪندي سروي نمبر زمين تان ريتي کڻڻ جي اجازت ڏني آهي سيشن جج پاران جاري ڪيل ليٽر جوهي ٿاڻي تي پڻ ڏنو آھي پر سيشن ڪورٽ دادو جي عدالت جي ليٽر با وجود جوهي پوليس زبردستي گرڊ اسٽيشن وٽ ناڪا بندي ڪندي 15 کان وڌيڪ ريتي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين کي  اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو آھي. هنن چيو ته پوليس في ٽرالي تي هڪ هزار رپيا ڀتو ڏيڻ لاءِ تنگ پئي ڪري نه ڏيڻ جي صورت ۾  چالان ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي،  ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو جي عدالت آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته عدالتي حڪمن کان انڪار ڪندڙ جوهي پوليس خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.